131

لطيف يونيورسٽي جو رياضي شعبو ۽ مثالي چيئرمين…

ليکڪ: جي ايم سومرو 

شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ رياضي شعبي جو بنياد سن 1987ع ۾ رکيو ويو.جتان ڪيترا ئي شاگرد توڙي اسڪالر تعليم حاصل ڪري ملڪي يا غير ملڪي سطح تي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، هن شعبي ۾ بيچلر پروگرام کان وٺي پي ايڇ ڊي پروگرام بهترين پروفيسرز جي نگراني ۾ ڪرايا ويندا آهن. رياضي شعبي جا باني پروفيسر جن ۾ پروفيسر خدا ڏنو سومرو ۽ پروفيسر لال چند جا نالا سرفهرست آهن. رياضي شعبي جو عروج 2018ع کان شروع ٿيو، جڏھن پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن هن کي رياضي شعبو مليو ته ان وقت ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام بند ٿيل ھئا، جيڪي هن جي اڻٿڪ ڪوششن کان پوءِ باقاعدگي سان شروع ڪيا ويا، ان کانسواءِ رياضي شعبي ۾ صفائي جو ڪوبه انتظام نه هو، جنهن کي پروفيسر حسام الدين شيخ بهتر بڻايو ۽ گڏوگڏ پاڻي جو انتظام نه هجڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو هو، پاڻي وارو انتظام به چيئرمين پنهنجي ڪوششن سان بهتر بڻايو، شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ رياضي شعبي جي هاڻوڪي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ کي جس آهي، جنهن رياضي شعبي جي ترقي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي. هن تمام ٿورڙي وقت ۾ 36 اسڪالرن کي ايم فل جي ڊگري ڏياري آهي، جيڪا پنهنجي پاڻ ۾ هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ ايم فل پروگرام ھلي رھيو آهي ۽ سندس محنتن سان 3 بيچز پي ايڇ ڊي جو ڪورس ورڪ پورو ڪيو آهي، هن جي ئي محنتن جي ڪري هلندڙ سال بيچلر پروگرام جون 80 سيٽون پوريون ٿي ويون آهن ۽ ان کان پوءِ به سيلف جون 20 سيٽون به پھرين لسٽ ۾ پوريون ٿي ويون آهن ان کانسواءِ  ماسٽرس جون 40 سيٽون پھرين لسٽ ۾ پوريون ٿي ويون آهن، ھلندڙ سال جي ايم فل جي داخلا تي به گهڻي رش آھي، جنھن جي داخلا جي ٽيسٽ ٿيڻ واري آهي، سائينجن جي محنتن جي ڪري ئي هي شعبو پنھنجي عروج تي آهي، ھي اھو واحد شعبو آهي جنھن جو شاگرد ڪنٽرولر آفيس جا چڪر نه ڪاٽيندو آهي، پر چيئرمين پاڻ عزت سان سڀني کي ڪلاس ۾ ويھاري مارڪس سرٽيفيڪٽ ڏياريندو آھي ۽ ھر شاگرد جو مسئلو حل ڪندو آهي، ان کان سواءِ اڄ رياضي شعبي جو پورو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي چڪو آهي ۽ رياضي شعبو پوري طرح سان وڻن ۽ گلن سان ڀريل آهي، اهو به ڊاڪٽر حسام الدين شيخ جي محنت جو ثبوت آھي ته سڄي سنڌ جي ھر اسڪول، ھر ڪاليج ۽ ھر يونيورسٽي ۾ سندس شاگرد سٺي مقام تي پھتل آهن ۽ هو پاڻ ھر پاس ٿيندڙ شاگرد جي قابليت جي حساب سان ان جي نوڪري جو بندوبست به ڪندو آهي، پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ ڏينهن هجي توڙي رات هجي، گرمي هجي توڙي سردي هجي، هميشه شعبي جي ئي ڪم ۾ مصروف هوندو آهي، جيڪڏهن اڄ رياضي شعبو ايتري اوج تي آهي ته اها سندس ئي محنت آهي، ڀلي ڪا تعليمي سرگرمي هجي، روزانو ڪلاسن جو هلڻ هجي، شاگردن لاءِ پاڻي جو انتظام ڪرڻو هجي، سيمينار لائبريري آفيس جا ڪم هجن يا وري باغيچن جا ڪم هجن، هو جنهن به وقت ڏسو ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مشغول هوندو آهي، مطلب ته هو هر وقت شعبي ۽ شاگردن ڪم ۾ ئي مصروف ۽ اڳڀرو رهندو آهي. پروفيسر ڊاڪٽر حسام الدين شيخ جو شاگردن، شاگردياڻين، ٽيچنگ اسٽاف توڙي نان ٽيچنگ اسٽاف سان رويو شفيق رهي ٿو. هو پنهنجي شاگردن کي پنهنجن ٻچن جيئان سمجهي ٿو ۽ هميشه غريب ۽ بي پهچ شاگردن جي بنا ڪنهن لالچ جي مدد به ڪري ٿو، هو شاگردن جي مستقبل لاءِ سدائين ڪوششن ۾ مصروف هوندو آهي ۽ سندس ڪردار هڪ اعليٰ ۽ مثالي اڳواڻ جهڙو پڻ آهي. ڪنهن به شاگرد کي ڪهڙي به قسم جي تڪليف هوندي آهي ۽ جيڪڏهن چيئرمين کي خبر پوندي آهي يا ان سان شاگرد مسئلو شيئر ڪندو آهي ته هو بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي خاموشي سان ان جو مسئلو حل ڪري ڇڏيندو آهي، هن جي محنتن جي ئي ڪري ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپس ملي چڪيون آهن، ذاتي زندگي ۾ هو هڪ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ آهي ۽ سندس رويو انتهائي نرم ۽ نفيس آهي،  پروفيسر حسام الدين شيخ خيرپور جي علائقي ٺيڙهي ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم ٺيڙهي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1994ع ۾ سٺين مارڪن سان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ انٽر لاءِ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي، جتان 1997ع ۾ انٽر پاس ڪيائين ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، هو لطيف يونيورسٽيءَ ۾ گولڊ ميڊل جي اعزاز سان نوازيو ويو ۽ سندس ڪارڪردگي کي سامهون رکندي يونيورسٽي انتظاميا کيس ساڳي ئي شعبي ۾ 2005ع ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو، جنهن تي هن پنهنجي محنت ۽ جستجو جاري رکي 2010ع ۾ ايم فل ڪئي ۽ رياضي جي ئي شعبي ۾ 2016ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين، سندس محنتن جي ڪري 2018ع ۾ کيس ان ئي شعبي جو چيئرمين بڻايو ويو، جتان هو شاگرد جي حيثيت ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ڊگري وٺي ٻاهر نڪتو هو ۽ هن وقت هو ان ئي شعبي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، اسان جي اها دعا آهي ته رب سائين سندس عزتن ۽ علم ۾ اڃا به واڌارو ڪري کيس صحتمند ۽ وڏي ڄمار سان گڏوگڏ وڌيڪ ترقي ڏئي ۽ هو ائين ئي شاگردن جا ذهن علم جي روشني سان روشن ڪندو رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو