95

سنڌ سان پاڻي ورهاست ۾ ٻيهر ناانصافي…؟؟

ايڊيٽوريل

خبرون آهن ته ارسا سنڌ جو احتجاج نظرانداز ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر 3 رُخي فارمولا هيٺ پاڻي جي ورڇ ڪئي آهي ۽ پنجاب کي ٻيهر تڪراري سي جي ۽ ٽي پي ڪئنال وهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پنجاب ۽ سنڌ جي حصي مان 5 سيڪڙو ڪٽوتي کان پوءِ سنڌ کي روزانو هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ ۽ پنجاب کي هڪ لک 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي روزانو ملندو، ارسا چيئرمين رائو ارشاد جي صدارت هيٺ اجلاس دوران سنڌ جي ميمبر پاڻي جي ورڇ غيرقانوني قرار ڏئي ان تي اعتراض به ڪيو. تڪراري ڪئنالز بند ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي زاهد جوڻيجي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ باوجود پنجاب کي تڪراري ڪئنالز وهائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اها بدقسمتي چئجي يا نااهلي يا وري ارهه زورائي جو هن ملڪ ۾ انصاف جي نالي سان جڙيل پارٽي ته اقتدار ۾ اچي وئي پر سنڌ کي انصاف ان پارٽي وٽان به نه مليو، رهندو ان پارٽي جي حڪومت دوران سنڌ مٿان حملن ۾ واڌ ۽ ناانصافين ۾ اضافو ٿي ويو آهي، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جو معاملو ڪو هاڻ جو معاملو نه آهي، پيرا کڻبا ته اهو پاڪستان کان اڳ جو معاملو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ سان اهو جهيڙو ته صدين کان آهي، پر جڏهن انگريز بهادر ننڍي کنڊ تي حڪمران هو ان وقت پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي رٿا تجويز ڪئي هئي ۽ انگريز سرڪار مٿان دٻاءَ وڌو هو ته اهو ڊيم ٺاهيو وڃي. پر انگريز بهادر جي سرڪار جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ انصاف جي نالي تي ته قائم نه ٿي هئي پر انهن وٽ وري به ٿورو گهڻو انصاف ضرور هو ۽ انهن ان رٿا کي نقصانڪار ۽ ناقابل عمل قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو هو، ان کانپوءِ جڏهن اسان آزادي ورتي ان کانپوءِ به اهو معاملو حل نه ٿيو ۽ وقت بوقت درياهه تي ڌاڙا لڳندا رهيا، پنجاب ان عرصي دوران تڪراري سي جي ۽ ٽي پي ڪئنال ٺاهيا، جيتوڻيڪ جڏهن اهي ڪئنال ٺهي رهيا هئا ته اهو چيو ويو ته ڄاڻايل ڪئنال صرف ٻوڏ جي دوران وهايا ويندا پر پوءِ سڀني ڏٺو ته ٻين واعدن وانگر اهو واعدو به مڪاري تي ٻڌل هو ۽ آهستي آهستي ڏاڍ جي زور تي ڄاڻايل ڪئنال ٻارهو ئي وهائڻ شروع ڪيا ويا ۽ جيئن جو تيئن اهو معاملو برقرار آهي، ان کان اڳ ڀارت کي 2 درياهه وڪرو ڪري سڄو زور سنڌو جي پاڻي تي لڳايو ويو، اهو عالمي اصول آهي ته درياهه تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي ۽ سنڌ جيئن ته سنڌو درياهه جي پڇڙي تي آهي ان ڪري ان تي پهريون حق به سنڌ جو آهي، پر هتي نه عالمي قانونن جي عزت ٿئي ٿي ۽ نه ملڪي قانونن کي مڃو وڃي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته موجوده ارسا چيئرمين شائونسٽ سوچ رکي ٿو ۽ اهو سدائين سنڌ جا احتجاج نظرانداز ڪري پنجاب کي حصي کان وڌيڪ پاڻي ڏئي ٿو، ان معاملي تي وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، جيتوڻيڪ اڳ به وزيراعظم نوٽيس وٺي معاملي کي ڏسڻ بنا ائين ئي ڇڏي ڏنو هو، جيڪو عمل غلط هو، اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم کي پوري ملڪ جو وزيراعظم ٿيڻو پوندو، صرف هڪ صوبي سان مسلسل ناجائزين سان ان صوبي جي عوام ۾ جيڪا محرومي ۽ مايوسي وڌي رهي آهي اها بنيادي طور تي حڪومت کان ئي سمجهي ويندي آهي، انصاف جي تقاضا اها آهي ته جيستائين ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، پنجاب جا تڪراري ڪئنال بند ڪرايا وڃن ۽ صوبن ۾ 3 رخي فارمولي بدران 1991ع واري ٺاهه تحت پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي ته جيئن صوبن اندر پيدا ٿيل بيچيني ختم ٿي سگهي ۽ اتي پيداوار ۽ اپت ۾ به بهتري اچي سگهي. ان ۾ ئي ملڪ جي ڀلائي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو