گڏيل عرب امارتون (ويب ڊيسڪ) ابو ظهبي رياست طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته سمورن عوامي هنڌن تي رڳو اهي ئي ماڻهو داخل ٿي سگهندا جن ويڪسين لڳرائي هوندي. عرب سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق ابو ظهبي جي رياستي ڪميٽي جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ان پابندي تي عمل 20 آگسٽ 2021 کان شروع ٿي ويندو. اهو فيصلو ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي زندگين ۽ صحت جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آگسٽ تائين ابو ظهبي ۾ ڪورونا ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهن جو انگ 93 سيڪڙو تائين پهچي ويندو. پهرين مرحلي ۾ جمز، تفريحي ۽ اسپورٽس هنڌن ۽ سرگرمين، هيلٿ سينٽرز، ريزارٽس، ميوزيمز، ڪلچرل سينٽرز، ٿيم پارڪس، يونيورسٽيون، انسٽيٽيوٽس، پبلڪ ۽ پرائيويٽ اسڪولز ۽ ٻارن جون نرسريون پڻ ان پابندي ۾ شامل هونديون. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ شاپنگ سينٽرز، ريسٽورنٽس، ڪيفيز ۽ ٻين ريٽيل آئوٽ ليٽس تي ويڪسين نه لڳرائيندڙن جي داخلا بند ڪئي ويندي پر سپر مارڪيٽس ۽ فارميسيز ان پابندي کان آجا هوندا.
182