208

ميانمار، فوجي بغاوت خلاف مظاهرن جي رپورٽنگ ڪندڙ گرفتار صحافين سميت 2300 قيدي آزاد

ينگون (ويب ڊيسڪ) ميانمار حڪومت فوجي عهديدارن فوجي بغاوت خلاف ٿيل مظاهرن جر رپورٽنگ ڪندڙ گرفتار صحافين سميت 2300 قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي پر آزادي جو ڪو سبب ناهي ٻڌايو ويو. رپورٽ مطابق عهديدارن گذريل ڏينهن چيو ته 2300 اهڙن قيدين کي آزاد ڪري رهيا آهيون جيڪي ملڪ ۽ فوجي حڪمرانن خلاف احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ هئا ۽ آزاد ڪيل قيدين ۾ فوجي بغاوت خلاف احتجاجي مظاهرن جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي پڻ شامل آهن. ميانمار جي شهر ينگون جي انسين جيل مان بسن کي آزاد ڪيل قيدين کي وٺي ويندي ڏٺو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو