بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ اٽڪل اهڙن 73 لک اڪائونٽس کي هٽائي ڇڏيو آهي جن بابت شڪ هو ته اهي ننڍي عمر جي ٻارن جا آهن. رپورٽ مطابق ٽڪ ٽاڪ ۾ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي جي سربراهه ڪورمڪ ڪينين هڪ رپورٽ جاري ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته جن ملڪن جون سڀني کان وڌيڪ ويڊيوز هٽايون ويون آهن انهن ۾ پهرين نمبر تي آمريڪي صارفين آهن جن جون 85 لک کان وڌيڪ ويڊيوز ڊيليٽ ڪيون ويون ان کانپوءِ برازيل ۾ 61 لک کان وڌيڪ، روس ۾ اٽڪل ساڍا 37 لک جڏهن ته انڊونيشيا جون ساڍا 27 لک ويڊيوز ڊيليٽ ڪيون ويون. هن چيو ته ٽڪ ٽاڪ کي رڳو 13 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ مخصوص ڪرڻ لاءِ اسان نين ٽيڪنالوجيز جو استعمال ڪري رهيا آهيون، اها ايپ ننڍي عمر وارن صارفين ۾ مقبول آهي پر ننڍي عمر صارفين بابت خدشا وڌي رهيا آهن. واضح رهي ته اهو پهريون موقعو آهي جڏهن ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي گائيڊ لائنز انفورسمنٽ رپورٽ ۾ اهڙا انگ اکر شايع ڪيا آهن.
140