141

پاڪستان چين سان سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان چين سان سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ قدم ۾ هڪ اهم منصوبو آهي، سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، آئنده چين جي دوري جو منتظر آهيان، پاڪستان ۽ چين جي ميڊيا جي وچ ۾ ويجهي تعاون جو خواهشمند آهيان، چين جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ قيادت کي سئو سال جي تقريبن تي مبارڪباد ڏيان ٿو، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپا انتهائي ويجها ۽ گهرا آهن، اسان جي ميڊيا ۽ ثقافتي لاڳاپا ايترا ويجها نه آهن جيترا اسان جا سياسي لاڳاپا آهن، وزيراعظم چيو ته چيني ميڊيا کان اڄ جي ملاقات جو مقصد ميڊيا رابطن کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪستان ۾ اسان صدر شي جن پنگ کي جديد دور جو هڪ وڏو سياستدان تصور ڪريون ٿا، پاڪستاني ٻن لحاظن کان ان کان متاثر آهي، هڪ ته ڪرپشن جي خلاف ان جي جنگ آهي، چيني صدر جي بدعنواني جي خاتمي جي مهم تمام گهڻي ڪامياب آهي ۽ پاڪستاني ان کان گهڻا متاثر آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جو هڪ ٻيو ڪارنامو هڪ وڏي تعداد ۾ غريبن کي غربت مان ڪڍڻ آهي، چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، تازو ئي چين اعلان ڪيو آهي ته هن ان حوالي سان انتهائي گهٽ وقت ۾ غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، منهنجو خيال آهي ته ڪنهن به انساني معاشري ۾ اهڙو مثال نٿو ملي، هن چيو ته اسان سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطح جي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، آئون ايندڙ هفتي گوادر وڃي رهيو آهيان، آئون اتان کان سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي رفتار جو جائزو وٺندس، آئون اتي چيني ڪارڪنن سان ملاقات ڪندس، وزيراعظم عمران خان چين جي تجويز ڪيل دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته آئون ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ پنهنجي چين جي دوري جو منتظر آهيان، ان دوري ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ڪندس، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه (سي پي سي) هڪ منفرد ماڊل آهي، اسان کي هن وقت تائين اهو ٻڌايو ويو ته مغربي جمهوريت ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بهترين نظام آهي پر سي پي سي هڪ اهڙو متبادل نظام ڏنو آهي جنهن سموري مغربي جمهوريتن کي مات ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته جنهن معاشري ۾ حڪمران طبقي جو احتساب ٿئي ۽ ميرٽ هجي اهو ڪامياب ٿيندو آهي، هن وقت تائين اهو خيال هو ته جمهوريت جي ذريعي حڪمران ميرٽ تي چونڊجندا آهن پر پوءِ ان قيادت جو احتساب به ڪري سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو