ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين سي ايڇ ڊي جي 4192 نان فارمل اسڪولن کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جي منظوري ڏيندي رضاڪار استادن جي پگهار 8000 هزار مان وڌائي 25000 هزار رپين تائين ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 42هين اجلاس جي فيصلي موجب وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ 4192 نان فارمل اسڪولن کي ٽيڪ اوور ڪرڻ جي منظوري ڏيندي رضاڪار استادن جي 8000 هزار مان 25000 هزار رپين تائين پگهارن وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اها منظوري وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ تعليم واري وزير سعيد غني، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري IPC آصف اڪرام، اسپيشل سيڪريٽري فنانس بلال ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 18 جولاءِ 2021 تي سي سي آءِ جي 42 هين اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته 30 جون 2021 ع کان نيشنل ڊولپمينٽ ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) ۽ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪول (بي اي سي ايس) صوبائي حڪومتون سنڀالينديون. تعليم واري وزير سعيد غني، وڏي وزير کي ٻڌايو ته 4192 سينٽرز/اسڪولز آهن جنهن ۾ 4425 استادن سميت 236755 شاگردن جي انرولمينٽ آهي انهن ۾ 1463 استادن وٽ 61118 انرولمينٽ جا 1463 بي اي سي ايس سينٽرز آهن ۽ 2729 اين سي ايڇ ڊي سينٽرن ۾ 2962 استاد ۽ 175637 شاگرد شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل اسڪولن / سينٽرن کي نان فارمل ايجوڪيشن سسٽم تحت هلايو پيو وڃي جتي استاد 8000 روپيا ماهوار پگهار تي رضاڪاراڻي بنياد تي پڙهائي رهيا آهن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت اڳ ئي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي تنهنڪري انهن رضاڪار استادن کي هر مهيني 25000 رپيا پگهار ڏني ويندي. ناڻي کاتي سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته 4425 استادن جي پگهار 8000 مان وڌائي 25000 رپيا ماهوار وڌائڻ سان 1.327 ارب رپين جو مالي نقصان ٿيندو. مراد علي شاهه ڄاڻايل رقم جي منظوري ڏني ۽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ان مقصد لاءِ سمري اماڻي وڃي. مراد علي شاهه تعليم کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته اسڪولن کي فوري طور تي ٽيڪ اوور ڪيو وڃي ۽ تدريسي عملي جي مدد سان اسڪولن کي فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪجهه وقت کانپوءِ استادن کي ٽيسٽ ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويندو ۽ جيڪي اهل هوندا انهن کي ريگيولر ڪيو ويندو. وڏي وزير تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته انهن اسڪولن جي فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي، واش رومز، بجلي ۽ ٻين ضروري سهولتن جو جائزو وٺي جلد کان جلد انهن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
144