ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ بيت المال سنڌ جي سربراهه حنيد لاکاڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب غريب ماڻهن جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو هو ته وري مٿان غريب ماڻهن جا گهر ڊاهيا ويا جنهن سان وڌيڪ غربت ٿي ۽ ماڻهو روڊن تي اچي ويا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي اپيل آهي ته غريبن جي گھرن کي ڊاهڻ کان اڳ کين متبادل جڳهه ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. غير قانوني اڏاوتن سبب عام ماڻهو کي تمام گهڻو نقصان رسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته غير قانوني اڏاوتن سبب هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن جنهن ۾ گجر نالي کي وڏو ڪرڻ لاءِ آس پاس جي علائقن کي ڊاهيو ويو، گجر نالي ۽ اورنگي نالي جي سائيڊن تي ٺهيل گهرن کي پهريان کين متبادل جڳهه ڏني وڃي ته جيئن ماڻهو بي گهر ٿيڻ کان بچي سگهن. حنيد لاکاني وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ انڪروچمينٽ آپريشن پٺيان ڪرپٽ سياستدانن جو هٿ آهي، هڪ طرف ماڻهن کي غير قانوني الاٽمينٽ ڏني وڃي ٿي ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي بي گهر ڪيو وڃي ٿو. غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
