123

حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اهو صاف ظاهر ٿي ويندو ته نيب جو ٻٽو معيار آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي خلاف نيب چيئرمين کي خط اماڻيو آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن حليم عادل شيخ کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اهو صاف ظاهر  ٿي ويندو ته نيب جو ٻٽو معيار آهي. سعيد غني چيو ته اعجاز جکراڻي سان جيڪو ٿيو ان جي مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم 3 جولاءِ تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. پر کين احتجاج جي پٺيان نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حليم عادل شيخ جي خلاف ڪيس صاف ظاهر آهي ۽ اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ حليم عادل شيخ جي خلاف جاچ ڪئي. هاڻ جيڪڏهن نيب اڻڌريو رهيو ته حليم عادل شيخ کي گرفتار ڪري. سعيد غني چيو ته اعجاز جکراڻي سان جيڪو ٿيو ان جي مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم 3 جولاءِ تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. پر کين احتجاج جي پٺيان نفرت پکيڙڻ نه ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو