ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ناليواري اداڪاره بيگم خورشيد شاهد ۽ مشهور ڊراما آرٽسٽ انور اقبال جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ٻنهي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته انور اقبال پنهنجي اداڪاري جا نه کٽندڙ نقش ڇڏيا آهن. بيگم خورشيد شاهد جا مداح اڄ تائين کيس يادگار ڪارڪردگي کي وساري نه سگهيا آهن. ٻنهي ليجنڊ ادڪارن جي فن جي شعبي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڳچ عرصي تائين رکيو ويندو.
140