راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ٽن سالن تائين جنهن اپوزيشن عمران خان کي ڪِيرائڻ جون ڳالهيون ڪيون هاڻي اها ذهني طور تي تيار آهي ته عمران خان هاڻي پنهنجو مُدو پورو ڪندو. هن چيو ته چين، آمريڪا ۽ يورپ سميت سمورن ملڪن سان سٺا ناتا رکڻ چاهيون ٿا، دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي عظيم فوج پنهنجون حياتيون قربان ڪري ملڪ ۾ امن ۽ امان جي فضا کي بحال رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي منصب جو اهم ڪردار ادا ڪندي اپوزيشن طرف وڌايو آهي، ملڪ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي حق لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي اتفاق ڪرڻ گهرجي. 70 لک کان هڪ ڪروڙ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان جا ووٽر آهن ۽ ايندڙ 5 سال عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو بهترين ڪردار هوندو. راولپنڊيءَ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير کي جنهن ريت قوم پسند ڪيو، اهڙيءَ ريت ڪالهوڪي تقرير به عمران خان جي پاڪستاني قوم جي ترجماني ۽ ڪشميرين جي جذبن جو اظهار هو. شيخ رشيد احمد چيو ته مان پاڪستان جو واحد سياسي ورڪر آهيان جنهن جي ڳالهه ڪشمير ۾ اهڙيءَ ريت ٻُڌي ويندي آهي جهڙيءَ ريت هتان جا ماڻهو ٻُڌندا آهن. سمورن ڪشميرين کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏين. هن چيو ته ڪشمير جي چونڊن ۾ جيڪي اُميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف جي حق ۾ هٿ کڻندا انهن جي گهر وڃي سندس ٿورا مڃيندس. هن چيو ته جهڙيءَ ريت گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ کي ووٽ مليو اهڙيءَ طرح آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڪاميابي ملندي. هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا سياست ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن گڏ هوندي ۽ دعا آهي ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي صورت پيدا نه ٿئي ۽ جهڙيءَ ريت اسان ڪنهن ملڪ لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ ناهي ڏني اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻئي ملڪ کي به پاڪستان خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل 20 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، پاڪستان جي عظيم فوج پنهنجون حياتيون قربان ڪري پاڪستان ۾ امن بحال رکيو آهي.
105