اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص معاون مولانا حافظ طاهر محمود اشرفي چيو اهي ته اسرائيل سان رابطا يا ان کي تسليم ڪرڻ بابت ڳالهيون رڳو ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ آهن. پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به رابطا ناهن، پاڪستان کي پريشر ۾ آڻڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته جيئن اندروني طور تي انتشار پيدا ٿئي. گڏيل عرب امارات يا سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ناهي چيو. پاڪستان جا عرب اسلامي ملڪن سان ناتا بهتر آهن، پاڪستان دشمن قوتون پريشر ۾ آهن. سعودي عرب، ڪويت، مصر، بحرين، عمان، گڏيل عرب امارات ۽ عراق سميت سمورن ملڪن سان مختلف شعبن ۾ ناتن ۾ بهتري ٿي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي پاليسيءَ کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، اسان دوستي چاهيون ٿا، غلامي نه، جيڪڏهن افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته ان سان سڄي دنيا متاثر ٿيندي. افغانستان جي امن لاءِ سهولت ڪار بڻجي سگهون ٿا انتشار لاءِ نه. هن چيو ته افغان گروپن جي ٽياڪڙيءَ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. سعودي عرب جي سهڪار سان پاڪ- افغان علماء ڪانفرنس جو پڌرنامو امن ۽ صلح جي اپيل آهي، ڪنهن جي خلاف فتويٰ ناهي.
197