114

سکر،ايف آءِ اي جي ڪاروائي،14 سالن جي نينگري کي بليڪ ميل ڪندڙ 2 نوجوان گرفتار

سکر (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ سکر،گهوٽڪي ۾ ڪاروائي ڪندي 14 سالن جي نينگري کي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ۾ 2 نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رپورٽ مطابق گرفتار نوجوانن جا نالا ذيشان ۽ شهزاد ملڪ آهن، سائبر ڪرائم جي انچارج امجد عباسي موجب جوابدار ذيشان ۽ شهزاد ملڪ  تي سوشل ميڊيا ذريعي نينگري کي بليڪ ميل ڪر ڻ جو الزام آهي، جوابدارن سوشل ميڊيا تي نينگري جون غيرمناسب تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ڪيون، جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جوابدارن وٽان موبائل برآمد ڪرڻ بعد انهن جي خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو