ليکڪ: زين سولنگي
ضلعي خيرپور جي تعلقي بار ايسوسيئيشن گمبٽ جنهن جو هڪ شاندار تاريخي پسمنظر آهي، اصل اها ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي سب بار رهي آهي ، ان سب بار ۾ تمام سينئرقانوندان عهديدار رهيا آهن، جن وڪيلن جي حقن جي حاصلات ۽ بار اينڊ بئنچ جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا پيدا ڪرڻ ۾ هڪ خوبصورت ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ عبدالستار ڏيسي، عبداللطيف ناريجو، صاحب خان ڪناسرو، مرحوم پرويز احمد لنجار، خالد حسين شيخ، مظفر حسين سولنگي، شفيع محمد بانگو، علي مردان جوڻيجو، محمد ايوب لاڙڪ، رياض حسين ڦلپوٽو، فدا حسين ڄامڙو، سرمد قربان جسڪاڻي، انور ڀٽي، مير ارشد ٽالپر، عبدالجبار شيخ، سڌير احمد خاصخيلي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، سب بار گمبٽ جي تاريخي پس منظر مان پتو پوي ٿو ته ان وقت سينئرس جو موجود هجڻ ۽ انهن جو نوجوان قانوندانن تي شفقت جو هٿ هجڻ هڪ غنيمت کان گهٽ نه هو، سائين ڏيسي صاحب، عبدالطيف ناريجو، صاحب خان ڪناسرو، پرويز احمد لنجار جن جي وفات ٿي وئي، ڪجهه قانوندان سرڪاري جاب ۾ هليا ويا، جن ۾ مظفر حسين سولنگي، عبدالجبار شيخ، رياض حسين ڦلپوٽو، محمد ايوب لاڙڪ، سڌير احمد خاصخيلي جن جي وڃڻ ڪري هڪ خال پيدا ٿيو، موجود نوجوان قانوندان محنت ڪري رهيا آهن، اهي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اڳ سب بار گمبٽ هئي هاڻ ترقي ڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن جو درجو وٺي چڪي آهي، جيڪا پڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، اڳ سب بار ۾ ميمبرن جو انگ ايترو گهڻو نه هو، ماشاءُالله هاڻ 3 سئو جي لڳ ڀڳ ميمبر آهن، سب بار گمبٽ سال 2013ع ۾ ترقي ڪري تعلقي بار ايسوسيئيشن گمبٽ جو درجو ورتو، تعلقي بار ايسوسيئيشن جو درجو وٺڻ بعد ان جي عهديدارن ۾ واڌ پڻ ٿي، هڪ آزاد بار جي حيثيت ماڻي ، جيڪي وڪيل تعلقي بار ۾ عهديدار رهيا آهن انهن ۾ شفيع محمد بانگو، شاهه محمد بانگو، فدا حسين ڄامڙو، پير سيد جابر علي شاهه جيلاني، الطاف حسين ناريجو ۽ ٻيا شامل آهن، تازو ئي تعلقي بار گمبٽ جون سال 2021ع جون ساليانيون چونڊون ٿيون جن ۾ جيڪي قانوندان چونڊن ۾ چونڊجي آيا انهن ۾ صدر واري سيٽ تي ٽن اميدوارن فدا حسين ڄامڙو، شفيع محمد بانگو ۽ عبدالرحيم ڄامڙو وچ ۾ مقابلو ٿيو پر سوڀ فدا حسين ڄامڙي جي ٿي، فدا حسين ڄامڙو 2021ع لاءِ تعلقي بار ايسوسيئيشن جو صدر آهن ، نائب صدر جي عهدي تي نذير احمد سهتي ۽ امير حيدر جسڪاڻي جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ، نذير سهتي سوڀ ماڻي، جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي پير سيد جابر علي شاهه جيلاني ۽ الطاف حسين ناريجو جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ، پر سوڀ پير سيد جابر علي شاهه جيلاني سوڀارو ٿيو، جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي انعام لاڙڪ بنا مقابلي چونڊجي ويو، لائبريري سيڪريٽري جي عهدي تي سراج احمد، ٽريزرر جي عهدي تي غلام عباس رتڙ پڻ بنا مقابلي چونڊجي ويا. تعلقي بار ايسوسيئيشن گمبٽ جي نئين چونڊجي آيل باڊي آڏو ڪجهه تجويزون رکجن ٿيون، گمس اسپتال ۾ وڪيلن ۽ انهن جي ڪٽنب جي مفت علاج ۽ سموريون ٽيسٽون مفت ڪرائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن ، گمس ۾ وڪيلن لاءِ هڪ الڳ ڊيسڪ قائم ڪرائي وڃي ته جيئن وڪيل يا ان جي ڪٽنب جا ڀاتي علاج لاءِ وڃن ته انهن کي ڪا ڏکيائي پيش نه اچي، موجوده باڊيءَ ان تي اڳڀرائي به ڪئي آهي پر گمس ڊائريڪٽر کان لکت ۾ ليٽر ۽ وڪيلن کي ڪارڊ جاري ڪرائي عملي جامو پهرائي ته نهايت ئي ساراهه جوڳو ڪم ليکبو، گمبٽ ڪورٽ ڪامپليڪس جي نئين بلڊنگ سالن کان تعمير هيٺ آهي ان جي ڪم کي فائنل ڪرائڻ لاءِ ڪا لک پڙهه به ڪئي وڃي ته جيئن سالن کان جڙندڙ نئين ڪورٽ ڪامپليڪس جو ڪم پورو ٿي سگهي، تعلقي بار ايسوسيئيشن جي روم ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي طرز تي نوجوان قانوندانن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ قانون جي مختلف عنوانن تي ليڪچر پروگرام ۽ سيمينار پڻ ڪرايا وڃن، گمبٽ بار جي گذاري ويل وڪيلن کي ياد ڪرڻ لاءِ هڪ شاندار پروگرام ڪري انهن کي ٽريبيوٽ پيش ڪيو وڃي، انهن گذاري ويل وڪيلن جي لائيف پروفائيلس کي سهيڙي هڪ شاندار سووينيئر پڻ شايع ڪرايو وڃي، مان سمجهان ٿو ته اهو هڪ تاريخي ڪم هوندو، بار روم ۾ انٽرنيٽ ۽ ليپ ٽاپس جو به بندوبست هجڻ گهرجي، جنهن سان وڪيل انٽرنيٽ تي قانون جي بهتر کان بهتر ڄاڻ وٺي سگهن، بار جي لائبريريءَ ۾ قانون جي ڪتابن جو اضافو پڻ ڪيو وڃي ته جيئن وڪيلن کي وڌيڪ آسانيون ملي سگهن ۽ اهي بهتر نموني پڙهي سگهن.