181

ورهاڱي   کانپوءِ  راجا جي ريل  جو سفر…

ليکڪ: قائم سولنگي/ حصو  ٽيون

سومرا سر: هي اسٽيشن وڏيري عبدالواحد سومري کولرائي هئي، هتي سومرن ۽ آريسرن جو وڏو ڳوٺ آهي ٻنهي ذاتين کي خوش ڪرڻ لاءِ سومرا سر تجويز ٿيو پوءِ  عبدالواحد جي گذارڻ کانپوءِ اسٽيشن بند آهي پر ٽرين هينئر به اسٽاپ ڪندي آهي. 

حصيصر:  هن لاءِ چون ٿا ته هتي حصيصر نالي ترائي آهي، جيڪا حصيصي سنگهه ٺاڪر جي نالي سان سڏجي ٿي، جنهن جي هتي جاگير هئي، قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو قبرستان به اتي ويجهو آهي، هتي سومرا ، آريسر، مڱريا، ساند ۽ ڀرپاسي ۾ انڙن جو وڏو ڳوٺ آهي هتي ڪي مالوند کير جو مائو ٺاهي به وڪڻندا آهن، ڪي زمينداري ۽ لائي لابارو به ڪن ٿا.  

ساڍر: هن اسٽيشن جي نالي بابت مرحوم ڪامريڊ ابراهيم آريسر ٻڌايو هئم ته ، اهو نالو ڪنهن درويش ولي الله ساڍر جي اسم پٺيان آهي، سڀ کان پهرين هتي پلي ذات وارا اچي آباد ٿيا ۽ مٽي مائٽي جي ڪري آريسرن کي به هتي آباد ڪيو ويو، پلين جي وڏي زمينداري هئي، ڪنهن وقت ۾ ضلعي عمرڪوٽ جو وڏو ڳوٺ ليکيو ويندو هو، هتي گهڻي آبادي جي ڪري ريلوي اسٽيشن جو مطالبو ٿيو جو پوءِ خان محمد پلي، جان محمد پلي، ڪامريڊ ابراهيم آريسر ۽ ڊاڪٽر علي محمد پلي جي ڪوشش سان اهو ريلوي هالٽ کُليو، ٿر ايڪسپريس جيڪا جوڻيجو ميل جي نالي سان هلندي هئي ان جو به هتي اسٽاپ هو، هن ڳوٺ لڳ زميندار محمد ابراهيم آريسر جي ٻني مان جپسم ڀاڻ (معدنيات) جي صورت ۾ نڪتو، جنهن کي ڪافي زميندارن پنهنجي سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ استعمال ڪري فائدو ورتو، مرحوم عمرڪوٽ مان هفتيوار اخبار عالم جي نالي سان جاري ڪئي، جيڪا تقريبن ساڍا ٽي سال ڇپبي رهي، جنهن لاءِ اعزازي ايڊيٽر آئون يعني (راقم الحروف) رهيس، تعليم جي لحاظ کان لکيل پڙهيل ۽ سلجهيل ڳوٺ آهي، ڪافي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، تعليمي اعتبار سان حاجي عبدالرزاق ڪنڀر جو وڏو هٿ رهيو،  

ڍورونار:  چون ٿا ته اسٽيشن جي ڀرپاسي واريءَ جون ڀٽون هيون ۽ اولهه ڏانهن هاڪڙو واهه هوندو هو، جنهن کي ڌورو پڻ سڏيو وڃي ٿو، نارا ڪئنال جو ٿرواهه به هن اسٽيشن ويجهو وهي ٿو، هن اسٽيشن جو نالو ڍوري ڀٽ ناري يعني نالي ائين چئجي ڌوري ۽ ناري جو دنگ ناري سب ڊويزن ۽ ٿر جي ڀٽ جتي گڏجن ٿيون ۽ وچ ۾ ڍورو آهي، آهستي آهستي ڌورو مان ڦري ڍورو نارو ٿي ويو. 

هيرل اسٽيشن ( فقير ترڪو مڱريو): هن بابت مختلف رايا آهن چون ٿا ته پلين جون ٻنيون هيون هتي باقاعده نهري سسٽم ڪونه هو، پوک ڪرڻ لاءِ هرلا لڳل هوندا هئا پوءِ زميندار جي پڇاڻي تي چوندا هئا ته هرلن واري ٻنيءَ  تي ويل آهي، انهن هرلن جي ڪري هن اسٽيشن جو نالو هيرل يعني هرلن واري اسٽين آهي. ٻئي روايت آهي ته هرذات جا ماڻهو هتي رهندا هئا ان ڪري هن جو نالو هرل مان هيرل ٿيو، ٽئين چوڻي آهي ته  پلين جي ٻني ڪنهن واڻيي مقاطي تي ورتي هئي، هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪڙم قبيلي  سان اچي هتي رهندو هو، هڪ ڏينهن چورن هن کي ڦرڻ جو ارادو ڪيو رات جو ٽائيم هو هن جي گهر ۾ چور گهڙي آيا واڻيي جي ڇوڪري سڄاڳ هئي جنهن ڏٺو ته چور آيا آهن، هن پنهنجون اکيون ٻوٽي ننڊ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، سندس ڳالهائڻ تي گهر ڀاتي هوشيار ٿي ويا ۽ هن جو مال ڦرجڻ کان بچي ويو، جنهن بعد ان واڻيي پنهنجي ڌي جي نالي تي ديهه هيرل رکيو ۽ هير واهه به کوٽايو، جنهن ڪري هن ڳوٺ جو نالو هيرل پيو  بهرحال هن وقت هيرل اسٽيشن  جي جاءِ تي بورڊ لڳل آهي فقير ترڪو مڱريو  هي هڪ زميندار ماڻهو ۽ مجاهد  فورس جو آفيسر هو ۽ راڄ ڀاڳ وارو هو، جڏهن فقير جادم مڱريو ريلوي جو مملڪتي وزير ٿيو تڏهن هن اسٽيشن جو نالو فقير ترڪو مڱريو رکيو ويو. هيءُ ننڍڙو هالٽ آهي ريلوي جي انڪم نه هئڻ برابر آهي. 

ڍورونارو:  هتي ڦٽي جا ڪارخانا ۽ چانورن کي صاف ڪرڻ جا ڪارخانا هوندا هئا هن ننڍڙي  شهر ۾ الڳ الڳ جنسن جون مارڪيٽون لڳل هونديون هيون، ضلعي عمرڪوٽ جي هن تعليمي ۽ ڪاروباري شهر ۾ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل سنگت جو به خاصو تعداد آهي، هتان  کان ويجهو مهمان نواز غلام محمد مڱريو جي اوطاق اڄ به آباد آهي، هن اسٽيشن تي مال گاڏيون، گڊس، پارسل ۽ ڪوچنگ جي آمدني هوندي هئي. هن شهر ۾ پراڻا رهواسي راڄڙ، رانگڙ، راجپوت، رائو، مڱريا، نهڙي، سميجا، شيخ، ميربحر، مالهي ، سونارا، لوهار، سوٽهڙ ، کتري، مينگهواڙ ۽ ٻيون  ذاتيون رهن ٿيون اڪثريت پرامن ۽ ساڃهه وند ماڻهن جي آهي.  

پٿورو: پٿورو ريلوي اسٽيشن جو نالو پٿورو صاحب جي هتي آسڻ جي ڪري پيو، هي پرمار سوڍن جي نک مان چون ٿا، ائين ميگهواڙ ڪميونٽي جي نکن ۾ هڪ پرمار نک آهي، تحقيق جي گنجائش آهي پٿوري صاحب 1556ع ۾ جنم ورتو، جنهن ڪري اسٽيشن جو نالو پٿورو پيو.  ڀرسان جيڪو شهر آهي ان کي اڪڙي جي نالي سان سڏيندا آهن جنهن کي شاعرن به ڳايو آهي، پير پٿوري جو ميلو هر سال لڳي ٿو اڪڙي ڪاروباري مرڪز هو ۽  هتي ڪپهه ۽ چانورن جا ڪارخانه هئا، هي پٿورو جنڪشن هئي هتان هڪ ريل گاڏي سامارو، ڪنري، نبيسر، نئون ڪوٽ، جهڏو ، ٽنڊو جان محمد، ڊگهڙي ، جيمس آباد، (ڪوٽ غلام محمد)، جهلوري کان جمڙائو جنڪشن سان ملندي هئي ۽ ٻي شادي پلي کان ميرپورخاص ۽ حيدرآباد سفري سهولتون مهيا ڪندي هئي، پٿورو جنڪشن 1-6-1931ع ۾ ٿي جڏهن 1906 کان شادي پلي تائين ريل هلندي هئي، هن وقت هڪڙي ريل گاڏي ماروي ايڪسپريس جي نالي سان هلي ٿي، هتي ڇورا ذات وارن جي وڏي زمينداري هئي، ٻين ذاتين ۾ نهڙي، سومرا، رونجها، سوٽهڙ ، سونارا ، ڀيل ڪولهي، ميگهواڙ، ڪبوترا ۽ ٻيا آهن. مشهور شاعر ۽ تعليمي ماهر استاد ولي سروري به هتان جو هو. هن وقت  مڱرين ۽ آريسرن جي ڪافي زمينداري آهي، پاڻي جي پڇڙي سبب علائقو ڪافي ڏتڙيل ڏسجي ٿو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو