173

اي ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهي پاليسي…؟؟

ليکڪ:حاڪم نصيراڻي

پاڪستان جي تاريخ جي هر اليڪشن کي شڪ جي نگاھه سان ڏٺو ويو، ڪا اهڙي اليڪشن ناهي جنهن کي شفاف چئي سگهجي، اليڪشن جي شفافيت تي ان ڪري به شڪ ڪيو ويندو آھي جو هارائيندڙ ۽ کٽيندڙ ٻئي ڌريون اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا الزام هڻنديون آھن، نه صرف اهو پر ان سان گڏ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو گند اڪثر ڪجهھ ادارن مٿان به اڇلايو ويندو آھي، هر پارٽي پنهنجي پاليسي مطابق اليڪشن جي نتيجن خلاف واويلا ڪندي رهي ٿي، ماضي جا قصا ته اوهان سڀني کي ياد آھن پر 2018ع واري اليڪشن ۾ ته حد ٿي وئي، اڪثريت ماڻيندڙ پارٽي کان سواءِ شڪست کائيندڙ ڌريون اڄ تائين اليڪشن چوري جا الزام هڻي رهيون آهن، هر پارٽي رڙندي رهي ٿي ته اسان سان دوکو ڪيو ويو آھي، اسان جي اميدوارن کي هٿ وٺي هارايو ويو، جمهوريت ۾ اقتدار تي ويهارڻ يا ڪيرائڻ جو اختيار جمهور کي هوندو آھي پر اسان وٽ وري اهو اختيار ڪجھه مخصوص ڌرين کي حاصل آھي، پولنگ بوٿ ٻاهران بيٺل سپاهي کان وٺي پرزائڊنگ آفيسر، ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن  ڪميشن ۽ ٻيون به سگهاريون ڌريون جنهن کي چاهين ڪامياب ڪرائين يا جنهن کي چاهين گهر ڀيڙو ڪن، جنهن جو مثال پ پ آهي، جنهن  90ع واري ڏهاڪي ۾ 18 سيٽون حاصل ڪيون هيون ۽ هاڻي وري ساڳيو حشر اي اين پي ۽ مولانا فضل الرحمان جهڙين پارٽين سان ٿيو آهي، مطلب ته هر سياسي پارٽي اليڪشن جي نتيجن کان ڏنڀيل آھي، موجوده حڪومت جي ڪوشش آھي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وسيلي ايندڙ چونڊون ڪرايون وڃن، حڪومت جي اها به دعويٰ آھي ته ان مشين ذريعي چونڊون شفاف ٿينديون نه صرف اهو پر ووٽن جي ڳڻپ به جلد مڪمل ٿيندي ۽ نتيجا وقت سر حاصل ڪيا ويندا، اهڙي طرح صاف شفاف انداز سان حق حقدار کي ملي ويندو پر اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر جي سڀني پارٽين حڪومت جي ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر چونڊ سڌارن لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي راضي ٿي گڏيل طور تي هڪ شفاف آئيني شڪ آڻڻ جي حامي ڀري آھي، حڪومت جا اڪابر ان ڳالهھ تي بضد آھن ته چونڊون اي ووٽنگ مشين وسيلي ئي ٿينديون، هر ماڻھو پنهنجو پاڻ کي داناهه ۽ ايماندار سمجهي ٿو، مان ڪو وڏو داناهه ۽ اڪابر ته ناهيان پر پنهنجي علم ۽ فهم وسيلي اهو ضرور سمجهان ٿو ته اسان جو ملڪ هڪ اسرندڙ ملڪ آھي، اسان وٽ اڃا اهو شعور نه آيو آھي جو اسين جديد ٽيڪنالاجي کي سمجهي ان جو صحيح استعمال ڪري سگهون، اسان وٽ ته پڙھيل لکيل ماڻھو سوشل ميڊيا تي جهڙو گند ڪيون ويٺا آھن ان جو مثال دنيا ۾ نٿو ملي، مان جيئن اڳ ذڪر ڪيو ته اسان اڃا شعور جون اهي منزلون طئي نه ڪيون آھن جنهن جي ذريعي اسين سڌريل دنيا جي نقشي تي هلي سگهون، هڪ ته اسان وٽ سهولتن جي تمام وڏي کوٽ آھي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين بجلي جون اهي سهولتون ناهن جيڪي ووٽنگ مشين وسيلي ٿيندڙ چونڊن لاءِ سازگار هجن، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب توڙي سنڌ جا ڪافي اهڙا علائقا آھن جتي بجلي پهتي ئي ناهي، جي ڪٿي پهتي به هجي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ٽيڪنيڪل فالٽ اهڙا هجن ٿا جو بجلي هفتن جا هفتا غائب رهي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ ووٽنگ مشين بلڪل بيڪار لڳندي، اسان جي اڪثريت جيئن ته ڳوٺاڻي آھي. اسان جا ماڻھو ان مشين جي چئن مرحلن مان ئي خوفزده ٿي ويندا، سياست تي گهري نظر رکندڙ سياسي ورڪر يا سياست ۾ دلچسپي وٺندڙ ماڻھن کي ياد هوندو ته گذريل اليڪشن ۾ ملڪ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ اٽڪل 85 هزار پولنگ اسٽيشنز مردن ۽ عورتن لاءِ ٻه لک کان وڌيڪ پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا، ووٽرن جي مدد لاءِ عملو به مقرر هو، تنهن هوندي به ووٽنگ جو اهو ٽرن آئوٽ نه رهيو،  هاڻي هڪ اندازي مطابق صرف ووٽنگ مشينن تي اربين رپيا خرچ ٿيندا باقي اليڪشن جو خرچ ان کان سواءِ آھي، خبر ناهي عمران خان جي مٿي تي اهو ان ”اي مشين“ جو ٽنڊڻ ڪنهن ويهاري ڇڏيو آھي جو خان ۽ سندس ساٿي ان ڳالهھ کان مڙن ئي نٿا، جڏهن ته مخالف ڌر چئي ٿي اي ووٽنگ سسٽم پوري دنيا ۾ ناڪام ٿي چڪو آھي، چونڊن جي شفافيت کان وڌيڪ نيتن جي شفافيت ضروري آھي، اليڪشن آساني سان شفاف ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ووٽن جي ڳڻپ پولنگ ايجنٽن جي سامهون شفاف انداز سان ٿئي، جيڪا رزلٽ هجي اها سڌي سنئين سرڪاري مهر سان ايجنٽ حوالي ڪجي ۽ ان وقت ئي ان جي هڪ ڪاپي بالا آفيسر ڏانهن اماڻي ڇڏجي، ريٽرننگ آفيسر هر اميدوار جي ايجنٽ کي مليل  رزلٽ واري فارم تحت آساني سان رزلٽ ٻڌائي سگهي ٿو،  اسان وٽ ووٽرن جي اڪثرين پارٽين کان وڌيڪ شخصيتن کي ووٽ ڏيندي آھي، اسين اڃا تائين ذات، برادري، رنگ ۽ نسل کان نڪري نه سگهيا آھيون، ان ڪري اسان وٽ مرشد، سردار ۽ راڄ جا چڱا مڙس اليڪشن تي حاوي هوندا آهن، انهن جي مرضي کان سواءِ پن به نه چرندو آھي، نتيجو اهو نڪري ٿو  جو جيڪو پنهنجي علائقي جي چڱن مڙسن جو وڌيڪ جٿو ساڻ ڪري هلندو اهو آساني سان چونڊ کٽي ويندو آهي، آمريڪا آھستي آھستي افغانستان مان نڪرڻ لڳو آھي ۽ طالبان تيزي سان ملڪ جي مختلف حصن تي قبضو ڪندا پيا وڃن، ناڪام پرڏيهي پاليسي سبب پاڪستان هن وقت تاريخ جي ڏکئي دور مان گذري رهيو آھي، دنيا جا سڀ مالدار ادارا ايتري تائين جو گڏيل قومن وارو ادارو به آمريڪا جي چوڻ تي هلي رهيو آھي، آمريڪا بهادر سان سڌي سنئين دشمني پاڪستان جي حق ۾ ناهي، ٻئي پاسي طالبان جو اثر رسوخ خطي ۾ وڌندو پيو وڃي، جيڪڏهن پاڪستان طالبان جي خلاف آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو ته طالبان جو جهڪاءُ انڊيا طرف هليو ويندو ۽ انڊيا طالبان جي مدد سان ڪيترائي ڪلڀوشن ياديو پاڪستان موڪلي وڏي تباهي مچائي سگهي ٿو، هڪ دفعو وري پاڪستان دهشتگردي جي ور چڙھي ويندو، آپگهاتي حملن ۽ بم ڌماڪن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو، حڪومت جا ترقيءَ وارا ۽ معاشي سڌارا توڙي پرڏيهي پاليسي صرف ٽوئيٽر تي ۽ ڪجهھ نجي چينلن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڀلا هنن حڪمرانن کي اهو ڪير سمجهائي ته حڪومتي پاليسيون ٽي وي بيانن نه پر اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ قومي مفادن ۽ ملڪي سلامتي کي نظر ۾ رکندي گڏيل صلاح مشوري کانپوءِ جوڙيون وينديون آهن. جيڪڏهن ٽوئيٽر ۽ چينلن تي بيانن سان ملڪ هلن ها، معاشي ترقي اچي وڃي ها ته پوءِ دنيا مان معيشت ۽ سياست جي علم وارو تصور ئي ختم ٿي وڃي ها. ملڪ هلائڻ هوائي مسئلو ناهي هوندو، ان کي سنجيده قيادتن جي ضرورت پوندي آهي، جيڪڏهن اسان اڃا به پنهنجي پاڻ ۾ سڌارا نه آندا ته پوءِ هن جديد دنيا جي ڊوڙ ۾ اسان شايد آخري قطار ۾ به نظر نه اچون، ان ڪري حڪمرانن کي هاڻ خيالي دنيا مان نڪري حقيقت سان منهن مقابل ٿيڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو