190

استاد عابد چانگ جو قتل ۽ سماجي بيحسي وارو سوال…؟؟

ليکڪ: اعتزاز احمد چانگ

عيد ڏھاڙو عالم انسانيت لاءِ  خوشيون کڻي ايندو آھي. سڀ دوست، مٽ ۽ مائٽ گڏ ٿي پنھنجا رنج رساما ختم ڪري ھڪ ٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿي امن جو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. پر اھي خوشيون انسان دشمن، ڪنڌ ذھن ۽ سماج دشمن ماڻھن لاءِ برداشت جوڳيون ناھن ھونديون، پوءِ  اھي ڪڏھن عيد گاھن ۾ بم ڌماڪن جي صورت ۾ ته ڪڏھن ھٿيارن جا منھن کولي معاشري جي امن امان کي نقصان پھچائي پنھنجي انا کي تسڪين ڏيندا آهن. يقينن ڪنھن به  انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آھي، پر جڏھن اھو قتل ڪنھن فرض شناس استاد جو ٿئي ٿو ته  نه صرف انسانيت کي نقصان پھچي ٿو پر انھي جي لوڙ سالن تائين سماج کي پڻ لوڙڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته ھڪ استاد جي پويان سوين يا ھزارين ٻارن جو بھترين مستقبل جڙيل ھوندو آھي. اھڙي ئي ڪنھن ظالم صفت شخص جي گولين جو کاڄ استاد عابد چانگ پڻ بڻيو. گذريل عيد ڏھاڙي ٽن اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فيضگنج تعلقي جي ھيڊ ڪوارٽر پڪا چانگ جي وچ شھر ۾ ھڪ استاد کي بي رحمي سان قتل ڪري نه صرف ان کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو پر ھن سماج ۾ پنج نياڻين ۽ هڪ گھرواريءَ کي پڻ لاچار ۽ مجبور بڻائي ڇڏيو، هڪ ڏينهن اڳ مقتول استاد جي ڀاءُ استاد صفدر چانگ جو سوشل ميڊيا تي بيان سامھون آيو. سندس چھري منجھان مايوسي جا آثار واضح طور نظر پئي آيا. انسان ڪيترو نه مجبور ٿي پوندو آھي جڏھن ڪنھن جي اڳيان سوالي ٿي پنھنجو حق گھرڻ لڳندو آھي، افسوس ته اسان جي ملڪ ۾ جان سستي پر انصاف تمام گھڻو مھانگو ٿي چڪو آھي، بي گناھ انسان جي قتل کي سازشن جي ور چاڙھي جڏھن مقتول کي ھڪ دفعو ٻيھر قتل ڪيو ويندو آھي ته سندس وارث ڪھڙي ريت لاچار ۽ بيوس هوندا آهن، اھو شايد استاد عابد جو ڀاءُ سمجھي سگھي ٿو يا لاڙڪاڻي جي ھاسٽل اندر قتل ڪيل نمرتا ڪماري جو ڀاءُ سمجھي سگھي ٿو، جنھن جي قتل کي پڻ گمنام ڄاڻائي سندس انصاف جي تابوت ۾ بي حسي ۽ لاقانونيت جا چند ڪوڪا ٺوڪي ھميشه لاءِ دفن ڪيو ويو. انصاف ڏيڻ بدران ڪردار ڪشي ڪئي وئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان ويندي اسان جو سڄو نظام انھي مسئلي تي اکيون ٻوٽي چڪو آھي، ان کان به وڌيڪ افسوس اسان جي خاموش تماشائي بڻيل سماج تي ڪرڻ گھرجي جتي جا ماڻهو ڪنھن مظلوم جو درد محسوس نٿا ڪري سگھن. اسين ايترا  ته پنھنجو پاڻ ۾، پنھنجي ذات ۾ گم ٿي چڪا آھيون جو اسان جي ڪنن تائين ڪنھن نياڻي جي ڳلي منجھان نڪرندڙ آهه نٿي پھچي سگھي، اسان جون اکيون ڪنھن بيواھ جي چھري تي مجبوري ۽ لاچاري سبب ظاهر ٿيل گھنج نٿيون ڏسي سگھن، اسان ڪنھن ڀاءُ جي ٽٽل چيلھه جي تڪليف محسوس نٿا ڪري سگھون ته پوءِ ڇا اسين واقعي باشعور سڏائڻ جي لائق آھيون؟ استاد عابد چانگ جي قتل کي تقريبن 2 مھينا گذري چڪا آھن پر سندس قاتلن جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو. پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان معاملي ۾ پوري طرح ناڪام ٿي چڪا آھن، اھڙي صورتحال ۾ اسان جي سماج جا نام نھاد چڱا مڙس به مقتول جي گھرڀاتين جو ساٿ ڏئي انصاف لاءِ مدد ڪرڻ بدران سندس ڀاءُ جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچن ٿا، مقتول جي ڀاءُ پنهنجي وڊيو بيان ۾ ٻڌايو پئي ته سندس ڪردار تي آڱريون کنيون پيون وڃن ۽ الزام لڳايا پيا وڃن ته گھرڀاتين قتل جو چند پئسن عيوض سودو ڪري ڇڏيو آھي، ڇا اھڙي صورتحال ۾ سودو ڪرڻ ممڪن آھي جڏھن قاتل ظاھر ئي نه ٿي سگھيا ھجن؟ آخر ۾ استاد صفدر سڀني برادرين کي گڏجي سندس ڀاءُ جي قاتلن تائين پھچڻ ۾ مدد جي به اپيل ڪئي آھي، ڇا اسان جو فرض بس چار قل ۽ سورت فاتحه پڙھي پورو ٿي وڃي ٿو؟ پڪا چانگ ۽ ڀرپاسي جي چڱن مڙسن ۽ برادري اڳواڻن کي ان معاملي ۾ مقتول جي وارثن سان سھڪار جي ضرورت آھي. سول سوسائٽي توڙي نوجوانن جا جوڙيل سماجي اتحاد پڻ ان ظلم خلاف ھڪ ٿي ناحق قتل خلاف آواز بلند ڪن. ڇاڪاڻ ته جڏھن ڪنھن مقصد ۾ سڀ سماجي ڌريون گڏجي پونديون آھن ته اھو مسئلو انفرادي ناھي رھندو ۽ مسئلو حل ڪرڻ آسان ٿي پوندو آھي. استاد عابد چانگ جي قتل معاملو تڏھن ئي حل ٿي سگھندو جڏھن اسين ان معاملي کي سماجي مسئلو سمجھي گڏجي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون. چوندا آهن ته ڦڙيءَ ڦڙيءَ سان ئي تلاءُ جڙندو آهي. جن سماجن ۽ معاشرن ۾ مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ٻڌي جي طاقت هوندي آهي انهن سماجن کي ڪير به پوئتي ڌڪي نٿو سگهي ۽ مون کي پڪ آهي ته اسان ايترا محسن ڪش نه آهيون، جو سماج جي خدمتگار هڪ استاد جي قاتلن کي لڪڻ لاءِ پاڻ وٽ ڪا جاءِ ڏئي سگهون، اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته قاتلن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ هڪ آواز بڻجون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو