ليکڪ: طفيل مگسي
ڪارل مارڪس چئي ٿو ته هر مادي شيءِ فزڪس جي قانون جي مطابق چرپر ڪري ٿي ۽ چرپر جي ڪيمسٽري اها آھي ته ماٺي وجود يا شيءِ جي اندر به سڪون واري حالت ناهي هوندي، انهي قانون تحت سماج سدائين ڇٽي جي شڪل ۾ ارتقا جو ظھور ڪندو رهي ٿو، جيتوڻيڪ سماجي ارتقا جو سڌو سنئون تعلق معاشي ترقي سان هوندو آھي، جڏھن ڪنهن سماج ۾ طبقاتي ورهاست جي وڇوٽي وڌي وڃي ٿي ته بيقراري واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي، بيقراري جيڪڏھن وحشيت بڻجي وڃي ته رتائون انقلاب ممڪن سمجهيو وڃي ٿو پر جيڪڏھن انهيءَ بيقراري جي سختي گهٽ ھجي ته هڪ وڏي پر پرامن تبديلي جو اثر اڻٽر ٿي وڃي ٿو. پر سمجهڻ واري شيءِ اھا آھي ته معاشي اڻبرابري ڪنهن به سماج يا معاشري جي لاءِ ڌٻڻ آھي، جيڪا ڪنهن به وقت سختي واري جهٽڪي سان ختم ٿي سگهي ٿي، صرف معاشي ترقي نه پر معاشي برابري ڪنهن سماج جي اخلاقي ۽ تهذيبي چهري جي عڪاسي هوندي آھي، جڏھن مذهبي رياست ۽ بعد ۾ ڪنهن حد تائين شھنشاهيت به معاشي طور تي مضبوط ٿئي ٿي ته اتي مذهبي اخلاقيات پاڻمرادو لاڳو ٿي وڃي ٿي ۽ ڪنهن کي ڪو فرق نٿو پوي، علي عباس لکي ٿو ته ان دور ۾ اوڀر جا شاگرد جيڪي تعليم جي لاءِ ايندا هئا، ٻيا واپاري ماڻھو اسلام عليڪم خاص طور تي سکي واپس ورندا هئا ۽ اھائي ساڳئي گريٽنگ اڄ جي گڊ مارننگ جيان آهي، ان دور ۾ ڪنهن شخص جي عالم فاضل هئڻ جي نشاني هوندي هئي، جڏھن عربن دولت کي طبقن ۾ ورهايو ته خرابيون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون، جيڪي اڄ تائين ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن، معاشي ترقي سان سماج جا سڀئي نارمز ۽ اخلاقيات تبديل ٿي وڃن ٿا، ڪالهھ تائين جيڪا ڳالهھ غور سان سمجهي ويندي هئي، اها اڄ ھڪ ٺٺول ۽ مذاق کان گهٽ نٿي لڳي، مثال طور پراڻي دور ۾ تعليم وارو ماڻھو نالي سان گڏ ڊگري جو به واڌارو ڪندا هو، هن وقت به ڪٿي ڪٿي ائين ٿئي ٿو.جيئن محمد علي ايم اي يا شڪور منشي وغيره. ساڳئي ريت اوهان مادي تاريخ جي کوٽائي ڪيو يا جاچ ڪيو ته اوهان تي ڇرپر واري اخلاقيات جا پردا کلندا ويندا. مانٿالوجي يا پراڻيون تحريرون ان چرپر واري اخلاقيات جون دلچسپ ڪهاڻيون آھن، پراڻي دور ۾ ڳئون جي ڇيڻي سان گهر جي ليپائي ڪئي ويندي هئي.جنهن بابت اها راءِ عام هئي ته ان سان گهر پاڪ ۽ صاف ٿي وڃي ٿو، جيتوڻيڪ ان رسم يا وهم جي صورت اڄ به ڪٿي نه ڪٿي زندهه آھي پر معاشي ترقي جي ڪري اڪثريت ۾ اھا ختم ٿي چڪي آھي.جيئن جيئن معاشي ترقي ٿئي ٿي تيئن تيئن سماج تيزي سان ارتقائي مرحلن کي طئي ڪندو وڃي ٿو. سماجي ضرورت جي تحت قانون ٺاھيا وڃن ٿا.جيڪي مقدس تحريري صورت اختيار ڪري وٺن ٿا، ان عمل کي مادي تاريخ جي ڦيٿي سان ڀيٽا ڏني وڃي ٿي، جيڪو ڦرندو اڳتي ڏانهن وڌي ٿو، مارڪس پرولتاري انقلاب جي اڳڪٿي ڪندي چئي ٿو ته جيئن جيئن امير امير ترين ٿي وڃن ٿا بورجوازي استحصال جي گڏيل تجربي جي بنياد تي هڪ حقيقي طبقاتي شعور يا گڏيل سچائي جو احساس پيدا ٿئي ٿو، اهوئي ئي احساس جيڪو شعور ۾ پوئجي طبقاتي جدوجهد کي تيز ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ نوان علائقائي ضابطا چٽا ٿين ٿا، ڪيترن سئو سالن گذرڻ جي باوجود اهي ئي اخلاقي ضابطا جڏھن مٿ بڻجي ارتقا جي رستي ۾ ڀت بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته سماج انهن کي رد ڪري نوان قانون ۽ اخلاقيات ترتيب ڏئي ٿو. ان ڪري ارتقا جي رستي ۾ جيڪو به ايندو آهي اهو جامد بڻجي ويندو آهي ۽ ارتقا وري پنهنجا نوان اصول ۽ رستا ٺاهي وٺندي آهي، ڇو ته ارتقا به هڪ مسلسل عمل آهي، جيڪو هڪ هنڌ بيهي نٿو، پر گردش ڪندو رهي ٿو، بلڪل ائين جيئن انساني جسم ۾ رت ڊوڙندو آهي.