ايڊيٽوريل
وفاقي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، پيٽرول جي في لٽر قيمت ۾ 2 رپيا واڌ سان نئين قيمت 112 رپيا 69 پئسا ٿي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 44 پئسا واڌ سان نئين قيمت 113 رپيا 99 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي، گاسليٽ جي اگهه ۾ پڻ 3 رپيا 86 پئسا واڌ سان نئين قيمت 85 رپيا 75 پئسا في لٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي اگهه ۾ 3 رپيا 72 پئسا في لٽر واڌ سان نئين قيمت 83 رپيا 40 پئسا مقرر ٿي وئي آهي، خزاني واري وزارت جو چوڻ آهي ته موجوده مالي سال دوران پيٽروليم مصنوعات تي 252 ارب 41 رپين جي سبسڊي ڏني آهي، جڏهن بجيٽ ۾ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 30 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، نه رڳو ايترو پر شماريات کاتي پڻ گذريل مال سال ۾ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن جي جائزه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مطابق کاڌي پيتي جي اڪثر اهم شين جي قيمتن ۾ نمايان واڌ جو رجحان رهيو آهي، رپورٽ مطابق جون 2020ع جي مقابلي ۾ جون 2021ع ۾ ڪڻڪ جي قيمت 19 سيڪڙو ۽ اٽي جي اگهه 13.43 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ڪڻڪ سان تيار ٿيل شين جي قيمت 25 سيڪڙو وڌي، بيڪري مصنوعات ۽ ڪنفيڪشنري شين جون قيمتون 17.39 سيڪڙو، گوشت جا اگهه 16.66 سيڪڙو، تازي کير جا اگهه 14 سيڪڙو، کير مان ٺهندڙ شين جا اگهه 15 سيڪڙو، بيضا 32 سيڪڙو، مکڻ 14 سيڪڙو، کاڄرو تيل 22 سيڪڙو، بناسپتي گيهه 23.75 سيڪڙو، ٽماٽا 19.67 سيڪڙو، تازيون سبزيون 11.51 سيڪڙو، کنڊ 21.54 سيڪڙو وڌي ويون آهن، بجلي جي اگهن ۾ هڪ سال دوران 21.13 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي اگهن ۾ 31 سيڪڙو واڌ ٿي. طبي خرچن ۾ هڪ سال دوران 10.27 سيڪڙو واڌ ٿي. شماريات کاتي جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق دوائن جي قيمتن ۾ 10.73 سيڪڙو، ڊاڪٽرن جي في ۾ 13.15 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ميڊيڪل ٽيسٽن جي چارج 6.65 سيڪڙو ۽ اسپتالن جي چارج 8.17 سيڪڙو وڌي وئي. گاڏين جي قيمتن ۾ 10.35 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ ٻارڻ جي قيمت ۾ 40.48 سيڪڙو واڌ ٿي، جون 2021ع ۾ ناڻي واڌ جي شرح 9.7 سيڪڙو رهي ۽ جون 2020ع ۾ مهانگائي شرح 10.9 سيڪڙو رهي هئي. هيءَ سمورا اهي انگ اکر جيڪي سرڪار جي اداري طرفان جاري ٿيل آهن، ان ۾ نه مخالف ڌر جو ڪو هٿ آهي ۽ نه ئي وري ان ۾ ڪنهن صحافي جي ڪا دعويٰ يا تجزيو آهي، هڪ طرف حڪومت ايوان ۾ بيهي دعوائون ڪري رهي آهي ته ملڪ گل و گلزار ٿي ويو آهي، هر طرف ترقي ئي ترقي نظر پئي اچي، حڪومتي وزير چون ٿا ته ملڪ ۾ غربت جو نالو نشان ئي نه آهي، هر ماڻهو لگزري زندگي گذاري رهيو آهي ته ٻئي طرف خود سرڪار جا ئي ادارا انهن جي ڪارڪردگي جو اڇو چٺو پڌرو ڪري رهيا آهن، جنهن مطابق روز مرهه جي زندگيءَ سان لاڳاپيل سوين شين جا اگهه گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ ڏهوڻ کان ٻٽيهوڻ تائين وڌيا آهن. حڪومت هڪ سال دوران بجلي جي اگهن ۾ سوا 21 سيڪڙو ۽ ايل پي جي جي اگهن ۾ 31 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، مطلب ته بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ هڪ سئو رپين تي سوا 21 رپيا واڌ ٿي آهي. بنيادي طور تي پيٽرول ۽ بجلي 2 اهڙيون شيون جن جا اگهه وڌڻ سان ٻين سمورين شين جا اگهه پاڻمرادو وڌن ٿا، اهو به حڪومت جو خزاني وارو وزير چوي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جي تازي بجيٽ به دعوائن کان اڳتي نه وڌي سگهندي ۽ عام ماڻهو کي ان ۾ ڪو رليف ناهي ملڻو ۽ اڳتي هلي مهانگائيءَ جو هڪ نئون طوفان نظر اچي رهيو آهي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمرانن کي بيانن ۽ ٽاڪ شوز جي لالي پاپ ڏيڻ واري روايت هاڻ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ باقي بچيل ٻن سالن ۾ عوام کي حقيقي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ٻن سالن کانپوءِ عوام به حڪمرانن کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.