200

آفريدي جهاز حادثي جي فوتين جي وارثن لاءِ آواز اٿاري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شاهد خان آفريدي ڪراچي ۾ گذريل سال ٿيندڙ پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي فوتين جي وارثن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو ۽ کين معاوضو ڏيارڻ لاءِ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي، گذريل ڏينهن آفريدي پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پي آءِ اي جي جهاز حادثي ۾فوت ٿيندڙن جي وارثن سان ملاقات جي تصوير شيئر ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاران اعلانيل معاوضو نه ملڻ تي فوتين جا وارث پريشان آهن، هن چيو ته حڪومت  وارثن کي معاوضو وٺرائي ڏئي ته جيئن انهن جو ڏک ڪجهه گهٽ ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو