ڪابل (ويب ڊيسڪ) آمريڪا افغانستان ۾ قائم ڪيل پنهنجو سڀ کان وڏو هوائي اَڏو بگرام ايئر بيس خالي ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن مطابق آمريڪي دفاع واري کاتي جي هڪ اهلڪار پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته بگرام ايئر بيس مان سمورا فوجي واپس هليا ويا آهن پر هن اهو ناهي ٻُڌايو ته بگرام ايئر بيس کي باضابطه طور تي ڪڏهن افغان فورسز حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف سينيئر افغان اختيارين چيو آهي ته هاڻي تائين افغان فورسز کي سرڪاري طور تي ايئر بيس جي حوالگي بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته 1950ع ۾ تيار ڪيل ان فوجي اڏي جو ڪنٽرول افغان فورسز جي صلاحيتن جو امتحان هوندو. ان بيس ۾ مقامي فورسز کي نه رڳو راڄڌاڻي ڪابل جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي پر طالبان تي به ان جو دٻاءُ هوندو.
187