105

ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 4 لک کان چڙهي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو مجموعي انگ 4 لک کان وڌي ويو آهي. رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 853 فرد اجل جو شڪار ٿيا، جنهن بعد فوتگين جو مجموعي انگ 4 لک 312 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل ڏينهن ڪورونا وائرس جا 46617 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. جنهن بعد ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو مجموعي انگ 3 ڪروڙ 4 لک 58251 ٿي ويو آهي. صحت واري وزارت ٻُڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جا ايڪٽو ڪيس 5 لک 9637 آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59384 مريض صحتياب ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو