176

ملتان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وڌيڪ 3 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

ملتان (ويب ڊيسڪ) نشتر اسپتال ملتان ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ ڪورونا سبب وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. نشتر اسپتال مان جاري انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جن ۾ ملتان سان تعلق رکندڙ 70 سالن جو محمد يوسف، خانيوال مان 36 سالن جو مهمد رمضان ۽ وهاڙي جي 50 سالن جي نسرين اختر شامل آهن. نشتر اسپتال ملتان ڪورونا وارڊ جي فوڪل پرسن ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 64 مريضن کي اسپتال آندو ويو جن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي جن مان 15 جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ۽ 32 جي رپورٽ نيگيٽو آئي جڏهن ته 17 جي رپورٽ اچڻ باقي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو