واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ سائنس دانن انڪشاف ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا سان عالمي سطح تي انسانن جي مجموعي طرز عمل تي ڏورانهن ۽ ناقابل تلافي اثر پئجي رهيا آهن، جن بابت هن وقت تائين مڪمل علم پڻ موجود ناهي. پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز آف دي يونائٽڊ اسٽيٽس آف آمريڪا ۾ شايع ٿيل ان تحقيق ۾ 17 تحقيق ڪندڙن حصو ورتو جن ۾ فلسفي کان وٺي موسم بابت سائنس دان شامل آهن. تحقيق ۾ چيو ويو ته سوشل ميڊيا سبب اڄ اربين ماڻهو هڪ ٻئي سان مسلسل رابطي ۾ آهن. ان سان انساني سماج جا رويا ڪيئن تبديل ٿي رهيا آهن، ان جا انساني بقا ۽ ماحول تي ڇا اثر آهن، ان سان سائنس دان گهڻي حد تائين لاعلم آهن. سائنس دانن زور ڏنو آهي ته سوشل ميڊيا انساني معاشري جي بقا لاءِ خطرناڪ آهي ۽ ان بابت فوري طور تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. تحقيق ڪندڙن لکيو ته اها صورتحال اهڙا ئي مسئلا پاڻ سان گڏ آندا آهن جهڙا ماحول ۽ حياتيات جي ماهرن کي ان وقت ڏسڻ لاءِ مليا هئا جڏهن قاعدن ۽ ضابطن جي عدم موجودگي ۾ منافعو ڪمائڻ ۾ مصروف انڊسٽرين سبب ماحول ۽ زمين جي نظام جي استحڪام کي شديد خطرا درپيش ٿي ويا. ان تحقيق ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته هن وقت انساني معاشري کي پڻ اهڙن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. سوشل ميڊيا جي موجوده زماني ۾ مجموعي انساني رويا ڪيئن تبديل ٿي رهيا آهن، ان تي تحقيق نه ٿيڻ جي برابر آهي. ماهرن مطابق اهڙي صورت ۾ ايندڙ تباهي کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا ضابطا آندا وڃڻ، ان بابت ڪنهن کي علم ناهي.
