166

سڀاڻي تائين ايل اين جي جي 70 سيڪڙو فراهمي بحال ٿي ويندي: وفاقي وزير حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڇنڇر تائين ايل اين جي جي 70 سيڪڙو فراهمي بحال ٿي ويندي. پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن چيو ته جهاز جي تبديلي جو ڪم اربع 30 جون تي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو هو. هن چيو ته ايل اين جي جي 40 سيڪڙو فراهمي شيڊول ٻه ڏينهن اڳ ئي شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اسانجو ٽارگٽ آهي ته ڇنڇر تائين ايل اين جي جي 70 سيڪڙو فراهمي بحال ٿي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو