184

زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ لاڳاپيل ڪاليجز جا امتحان 12 جولاءِ کان شروع ٿيندا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي امتحانن واري ڪنٽرولر پڌرو ڪيو آهي ته تدريسي سال 2019 جي انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ يونيورسٽي جي سڀني فيڪلٽيز ۽  لاڳاپيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شاگردن جا ايون ٽرم ريگيولر امتحان 12 جولائي 2021 کان ٿيندا، جنهن لاءِ امتحاني فارم عام رواجي في سان 5 جولائي تائين جمع ڪرائي سگهبا، اهڙي ريت ليٽ في سان 6 کان 7 جولائي ۽ اسپيشل ليٽ في سان 8 کان 9 جولائي تائين امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا، جڏهن ته امتحان 12 جولائي کان يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ منعقد ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو