اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل مالي سال ۾ مقرر هدف کان وڌيڪ ۽ 4732 ارب روپين جا تاريخي ٽيڪس وصولي جي صورت ۾ ايف بي آر جي ڪارڪردگي اسان جي حڪومت جي پاليسين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پائيدار اقتصادي بحالي جو ثبوت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مالي سال 21 -2020ع دوران 4732 ارب روپين جي ٽيڪس وصولي مقرر هدف کان 4691 ارب روپين کان 18 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته اها ڪارڪردگي اسان جي حڪومت جي پاليسي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ پائيدار اقتصادي بحالي جو ثبوت آهي.
