اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 21 -2020ع ۾ پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ برآمدي هدف حاصل ڪيو ويو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته الحمد الله 18 سيڪڙو اضافي سان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ روانگي واپار جو هدف سال 21 -2020ع ۾ حاصل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سروس سيڪٽر کي به ان ۾ شامل ڪيون ته اهو 31 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي روانگي واپار آهي، انشاءُ الله ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جو ايڪسپورٽر پاڪستان جي معاشي استحڪام جو اهم ٿنڀ هوندو.
109