131

پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڏکڻ ڪوريا جي امن، جمهوريت ۽ خوشحالي طرف اڳڀرائي متاثر ڪندڙ آهي، ڪوريا کي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي سي پيڪ جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پيو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ڏکڻ ڪوريا جي امن، جمهوريت ۽ خوشحالي طرف اڳڀرائي متاثر ڪندڙ آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي مختصر سفر دوران ڏکڻ ڪوريا اسرندڙ ملڪ کان دنيا جي جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس معيشت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا سرد جنگ دوران هڪٻئي جي تمام ويجهو رهيا، پاڪستان ڪورين جنگ دوران ڏکڻ ڪوريا جي معاشي ۽ مالي مدد ڪئي، هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ڪشمير جي لائين آف ڪنٽرول بابت مشاهدتي مشن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي موثر شموليت لاءِ ٿورائتو آهي. پاڪستان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اهو اسان جي ٻطرفي رابطن جو بنياد آهي. ڪوريا سان پنهنجي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ڪوريا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي سي پيڪ جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. سي پيڪ تحت خصوصي اڪنامڪ زون علائقائي رابطاڪاري ۽ ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهن، محمد صادق سنجراڻي چيو ته اسان ڏکڻ ڪوريا سان سڀني شعبن ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ان مقصد جي لاءِ سياسي ۽ پارلياماني لاڳاپن جو فروغ اهم ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ پارليامينٽ، ميڊيا ۽ تعليمي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. پارلياماني رابطن جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن کي پارليامينٽ ۾ موجود دوستي گروپ وڌيڪ فعال ڪردار ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته تاريخي ٻڌمت ورثو ۽ ثقافت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن جي لاءِ انتهائي اهم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو