181

وزيراعظم اسپورٽس مين جي طور تي پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو: فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اسپورٽس مين جي طور تي پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ عمران خان ”ٽاپ ليجنڊ“ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو ۽ يوٿ جو آئيڊيل آهي، صوبن سان گڏجي سڄي ملڪ جي سطح جي راندين جي سرگرمين جو انعقاد ڪيو ويندو ان ڏس ۾ مشاورت جو عمل جاري آهي. هو جمعي ڏينهن ورلڊ اسپورٽس ڊي جي حوالي سان راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي  خطاب ڪري رهيو هو. سياسي معاملن وارو خاص صلاحڪار شهباز گل، مختلف راندين جي مشهور رانديگرن ۽ اسپورٽس جرنلسٽ جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. راولپنڊي اسلام آباد اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر عباسي اسپورٽس جرنلسٽس کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ٽي وي چئنلز جي نشريات ۽ اخبارن ۾ مخصوص جڳهه حاصل ڪرڻ يقيني بڻايو ويندو، صحافي چاهي راندين جي سرگرمين کي ڪوريج ڪندڙ هجي يا ڪنهن ٻي شعبي جي بيٽ جو رپورٽر هجي انهن جا مسئلا هڪجهڙا آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهي، انهن جو حل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، راندين ۽ معياري سرگرمين جي ذريعي اسان پنهنجي فٽنس برقرار رکي سگهون ٿا، تقريب جي پڄاڻي تي ورلڊ اسپورٽس ڊي جي مناسبت سان مملڪتي وزير فرخ حبيب سان گڏ اسپورٽس جرنلسٽس ڪيڪ به ڪٽيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو