108

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، ثقافت، روايت ۽ گڏيل خير سگالي جي بنياد تي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جنهن کي گڏيل مفادن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان توانائي، سائنس، ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ ثقافت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي سعودي عرب جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اميد آهي ته ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري تي سعودي حڪومت پاڪستاني شهرين تي سفري پابندين ۾ آساني پيدا ڪندي، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت خادمين حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي قيادت کي احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، هن چيو ته پاڪستان اداره جاتي رابطن جي مدد سان ميڊيا ۽ ثقافت جي ميدان ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي سعودي عرب جي تعاون کي ساراهيو ۽ اسلامي دنيا ۾ اتحاد جي فروغ، علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي گڏيل فائدي لاءِ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو