190

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، رپورٽ مطابق آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڊاڪٽرن جي هدايت تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، ذريعن مطابق آصف زرداري ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ واقع هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جتي ڊاڪٽرن ان جي طبي معائني لاءِ مختلف ٽيسٽ ڪري ورتا آهن، هوڏانهن پيءُ جي بيمار ٿيڻ جو ٻڌندي ئي بلاول ڀٽو اسلام آباد ۽ بختاور ڀٽو مڙس محمود چوڌري سان گڏ دبئي کان ڪراچي پهچي وئي آهي، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ سيشن ۾ شرڪت ۽ عدالت ۾ پيشي جي ٿڪاوٽ سبب آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو