ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته حليم عادل شيخ مٿان زمين تي قبضن جا الزام صحيح آهن، نيب چيئرمين چئي ڇڏي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار نه ڪندس، حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري مطالبي تي نيب پاران خاموشي واري پاليسي ڪيترائي سوال اٿاري رهي آهي، حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري بيان کان پوءِ سموري نيب ٽيم ۾ افراتفري مچي وئي. انتظار آهي ته نيب مون کي ڪڏهن ٿي گهرائي، قانون جو غلط استعمال سڀني کان وڌيڪ نيب چيئرمين ڪري رهيو آهي، حڪومت جيان نيب نالائق ۽ نااهل آهي، سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري واري بيان کان پوءِ سموري نيب ٽيم ۾ افراتفري مچي وئي. اميد نه هئي ته حليم عادل جي گرفتاري واري مطالبي تي نيب کي تڪليف ٿيندي. حليم عادل شيخ غلط طريقي ماڻهن کي زمينون وڪرو ڪيون، هن چيو ته نيب هن ملڪ جي معزز ماڻهن سان زيادتي ڪري رهيو آهي، نيب جي ڪري ڪيترن ئي ماڻهن آپگهات ڪيا آهن، سعيد غني چيو ته 31 اي سڀني کان پهرين نيب چيئرمين تي لڳڻ گهرجي. چيلينج ڪريان ٿو ته مون کي نوٽيس اماڻيون. سندن منهن تي هنن جا ڪرتوت ٻڌائيندس. نيب چيئرمين حڪومت جي چوڻ تي ڪم ڪندو آهي. نيب چيئرمين حڪومت جي هٿان بليڪ ميل ٿي رهيو آهي. قانون جو غلط استعمال سڀني کان وڌيڪ نيب چيئرمين ڪري رهيو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته نيب جيڪي گاڏيون تحويل ۾ ورتيون اهي ڪهڙن ماڻهن جي استعمال ۾ آهن. نيب جي آفيسر قبضي ۾ ورتل گاڏيون استعمال ڪندا آهن حڪومت جيان نيب به نالائق ۽ نااهل آهي.
208