213

قوم سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي هجڻ گهرجي ها: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ وفاق ۽ انٽيليجنس ايجنسيز سان گڏجي يقيني بڻائينداسين ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اُن جي لڏپلاڻ جا اثر ڪراچي تي گهٽ کان گهٽ ٿين، وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ته قوم سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي هجڻ گهرجي ها، پيپلز پارٽي وزيراعظم جي اچڻ تي واڪ آئوٽ جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هئي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير چيو ته آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه وڃي رهيو آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ واپس اچي ويندس، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پرڏيهه وڃي رهيو آهي، ڪراچي ۾ اڄڪلهه جيڪا چُرپر ٿي رهي آهي، اُن کي به ڏسون ٿا، اُن حوالي سان ڪجهه لنڪس نظر اچي رهيون آهن، افغان صورتحال سبب خطي ۾ ايندڙ تبديلين کي ڪراچي جي رُخ ۾ گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو