180

لائبريري جي علمي اهميت ۽ ضرورت…

ليکڪ: حاڪم علي چانڊيو

لائبريري جو تصور ايترو پراڻو آھي جيترو ڪتابن جو، پراڻي زماني کان وٺي لائبريريون معاشرن جي عملي ۽ فڪري ترقيءَ ۾ مددگار رھيون آھن، تاريخ گواھ آھي ته ھر معاشري جي مجموعي ترقيءَ ۾ علم ۽ فڪر جي مدد حاصل رھي آھي، ڪتاب علم ۽ فڪر جا خزانا آھن ۽ قومن کي شعور جي دولت انهن  خزانن مان ئي حاصل ٿيندي آھي، ڪتابن جي اھميت ۽ ضرورت ڪنھن به دور ۾ گهٽ ناھي ٿي ڇو ته ڪتاب ئي اسان جو سھارو ۽ دوست آھن، ڪتاب پڙھڻ سان علم ۾ واڌ ٿئي ٿي جيڪي ماڻهو ڪتاب پڙھن ٿا سي فائدو حاصل ڪن ٿا پر ھر ماڻهو مطالعو نٿو ڪري. ھڪ ته اسان وٽ مطالعي وارو ماحول ميسر ڪونهي، ٻيو ته ادبي ميڙاڪا يا گڏجاڻيون نه ھئڻ جي برابر آھن، ٽيون ته اسان جو نئون نسل ته رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود آھي پر مطالعو به تڏهن ممڪن آھي جڏهن لائبريريون ھجن، سنڌي قوم کي ھڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت تعليم جھڙي زيور کان پري ڪيو ويو آھي، ھڪ طرف اسڪول اوطاقن، واڙن ۽ گدامن ۾ تبديل ڪري ٻھراڙيءَ کي تعليمي ماحول کان پري رکيو ويو آھي ته ٻئي طرف سنڌ جي شھرن کي پڻ تعليمي ماحول کان محروم رکيو ويو آھي. ٻھراڙين ۾ اسڪول ناھن ته شھرن ۾ وري لائبريريون ناھن، حڪومت طرفان نه معياري تعليم ملي ٿي نه ئي تعليمي ماحول، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ تعليم کي ايتري ته اھميت حاصل آھي جو ھر عوامي جاءِ تي پبلڪ لائبريريون قائم ٿيل آھن، بس اسٽينڊ، پارڪن، ريلوي اسٽيشنن ۽ اسپتالن سميت ھر جاءِ تي لائبريريون آھن،بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ عوام کي لائبريرين کان محروم رکيو ويو آھي، دادو ضلعي جي ڪيترن ئي شھرن ۾ لائبريريون قائم نه ٿي سگهيون آھن، جنھن ۾ ڦلجي اسٽيشن، پيارو ڳوٺ، سيتا، راڌڻ، ڪڪڙ، فريد آباد ۽ ڪي اين شاھ ۾ ڪا به پبلڪ لائبريري نه آھي،اڄوڪي جديد دور ۾ ته ھر ڳوٺ ۾ پبلڪ لائبريري ھجڻ گهرجي پر بدقسمتيءَ سان ھتي ڳوٺ ته پري شھرن ۾ به لائبريريون قائم نٿيون ڪيون وڃن، اسان نه صرف دادو ۾ پر پوري سنڌ ۾ تعليم چاھيون ٿا تعليمي ماحول چاھيون ٿا ڇو ته سڌريل ۽ صحتمند سماج جي جوڙجڪ ۾ لائبريريءَ جو اھم ڪردار ھوندو آھي.ڦلجي، پيارو، سيتا ۽ ڪڪڙ ۾ لائبريريون نه ھئڻ سبب امتحانن جي تيارين لاءِ شاگرد پارڪن جو رخ ڪن ٿا يا وري ڀاڙو ڀري دادو وڃن ٿا جيڪڏهن کين پنھنجي ئي شھر ۾ لائبريري موجود ھجي ته ڪو به شاگرد پارڪ يا دادو لائبريري نه ويندو پر دادو به اھي شاگرد ويندا جن وٽ وسيلا ھوندا باقي غريب مسڪين شاگرد ته پارڪ جو ئي رخ ڪندا،راڌڻ، فريد آباد ۽ خيرپور ناٿن جا شاگرد به لائبريريون نه ھجڻ ڪري ميھڙ وڃن ٿا يا وري اھي به پارڪن ۾ وڃي امتحانن جون تياريون ڪن ٿا، ھن مھانگائيءَ جي دور ۾ جتي ھر شيءِ جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رھيو آھي اتي ڪتابن جون قيمتون پڻ وڌي ويون آھن اھڙا ڪيترائي ڪتاب آھن جيڪي مھانگا آھن ۽ ڪارائتا به آھن پر ڪو غريب ماڻهو ڪتاب پڙھڻ چاھي ۽ مھانگي ھجڻ سبب خريد نه ڪري سگهي ته اھو لائبريري ۾ وڃي ڪتاب پڙھي سگهي ٿو، اھڙا ڪيترائي شاگرد جيڪي ڪتابن جو خرچ افورڊ نٿا ڪري سگهن انھن لاءِ لائبريري ضروري آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو