ليکڪ: جان سڊورٿ
چين ۾ جتي حڪومتي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي قيام جا 100 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهائي رهي آهي، اهو به بحث وڌندو پيو وڃي ته آمراڻي طرز حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد ان تي ڏنل ڌيان کي ڪيئن منهن ڏنو وڃي؟ جيڪو دنيا جي ٻي وڏي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، ڪميونسٽ پارٽي لاءِ اهو موقعو هڪ نئين سرد جنگ جي شروعات بابت خدشن کي منهن ڏيڻ جو نه پر فخر ۽ عوام جون تعريفون سميٽڻ جو آهي، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر ۽ 2014ع کان 2017ع تائين چين ۾ آمريڪا جي سفير جي حيثيت سان وقت گذاريندڙ ميڪس بائوڪس به ان نقطي سان اتفاق ڪري ٿو، چيني عوام جي هڪ واضح اڪثريت کي گهڻي ڳڻتي ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي پنهنجي زندگين ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، انهن کي ان سان ڪو خاص سروڪار نه آهي ته پارٽي ۾ ڪهڙيون تبديليون ٿي رهيون آهن يا نه، چين ۾ زندگي جو معيار گذريل 20 سالن کان انتهائي بهتر ٿيو آهي ۽ ماڻهو ان مان گهڻا خوش آهن پر چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي ملڪ تي سخت ٿيندڙ گرفت ۽ موجوده چيني صدر جي وڌندڙ مقبوليت بابت ڪجهه ڪرڻو هجي ته ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ اهو واضح آهي ته چين جي مقامي پاليسين جي ظالماڻي سمت ۾ وڃڻ عالمي پاليسي ۽ بحث ۽ مباحثي ۾ انتهائي گهڻي اهميت واري آهي. پر جتي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ ان بابت نظرياتي اختلاف ٿيندا آهن ۽ ميڪس بائوڪس جهڙا ماڻهو اهو نقطو پيش ڪند آهن ته چين سان اسٽريٽجڪ طور تي رابطا قائم رکيا وڃن چين جي اندر ٿيندڙ ان نوعيت جي بحث بابت ڄاڻڻ آسان نه آهي پر اهو بحث ٿي ضرور رهيو آهي. ڪائي زيا چين جي مشهور سينٽرل پارٽي اسڪول جي هڪ اڳوڻي پروفيسر آهي، هن پنهنجي زندگي ڪميونسٽ پارٽي جي اعليٰ آفيسرن کي تربيت ڏيندي ۽ انهن سان ڪم ڪندي گذاري آهي پر ائين به ٿيو آهي ته چين حڪومت خلاف ڪيل تنقيد سبب هو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي آهي، ڪائي زيا ان ڳالهه تي يقين نٿي رکي ته چيني عوام سياسي تبديلي جي حق ۾ نه آهي، نه ئي کيس ان ڳالهه تي يقين آهي ته ڪميونسٽ پارٽي سان رابطا قائم رکڻ نه رکڻ وڌيڪ بهتر آهي. هوءَ چوي ٿي ته اڃا به دير نه ٿي آهي ۽ چين وٽ وقت آهي ته اهو هڪ مطلق العنان حڪومتي نظام کي جمهوري نظام ۾ تبديل ڪري وٺي ۽ جيترو جلد چين اهو ڪندو اوترو ئي چين لاءِ دنيا لاءِ بهتر ٿيندو. شي جن پنگ اهو ضرور چيو آهي ته هو پوري انسانيت لاءِ هڪ جهڙو مستقبل چاهي ٿو پر هن سرد جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اها رڪجي نه ٿي، چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي شان شوڪت سان ملهائجندڙ تقريبن ۾ ڌوم ڌام سان جشن ملهائي آتشبازي جا مظاهرا ٿيندا ۽ اهي هڪ اهڙي چين جو مظهر آهي جيڪو تيزي سان ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهيو آهي ۽ سرمائيداراڻي نظام کي پنهنجو ڪري رهيو آهي پر ان جي دل ۾ اهو ئي بي لچڪ ليننسٽ نظام آهي.هتي اهو سوال هڪ ڀيرو ٻيهر اٿي ٿو ته ڇا اهو جشن نظر جو دوکو آهي، جيڪو بظاهر اهو ڏيکاري ٿو ته چين ۾ انفرادي طور تي ماڻهو وڌيڪ امير ٿيا آهن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ عام چيني شهرين پنهنجي طرز زندگي کي تبديل ڪيو آهي يا اهو سڀ هڪ اهڙي حقيقت ياد ڏياري ٿو ته اها خوشحالي ۽ اها طاقت سڀ هڪ ئي پارٽي جي گرفت ۾ آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اها پڪڙ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ اهو ته ان طاقت کي رڳو پنهنجي ماڻهن تي نه پر باقي دنيا تي به استعمال ڪرڻ ۾ ڪو عار نٿو رکيو وڃي. ميڪس بائوڪس ان نظريي جو حامي آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان چين سان آمريڪي لاڳاپن نظريو رابطا قائم رکڻ، واپار ڪرڻ آهي جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ مقصد به آهي. ان نظريي تحت چين ۾ وڌندڙ خوشحالي ۽ وچولي طبقي جو سامهون اچڻ هڪ اهڙي اميد طرف اشارو ڪري ٿو، جنهن تحت آهستي آهستي ملڪ ۾ سياسي سڌارن جو سلسلو جاري رهندو، ڀلي اهو انتهائي سست رفتاري سان ئي اچي. جيڪڏهن نه به آيو تڏهن به معاشي طور تي چين سان رابطا قائم رکڻ ان متبادل کان گهڻو بهتر آهي جيڪو ٽڪراءَ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو پر ميڪس بائوڪس کي خدشو آهي ته هاڻ اهو نظريو اجتماعي طور تي تبديل ٿيندو پيو وڃي ۽ آمريڪا ۾ به سرد جنگ واري ذهنيت واپس اچي رهي آهي، هو چوي ٿو ته منهنجي خيال ۾ واشنگٽن ۾ سڀ هڪجهڙن خيالن جا حامي ٿي ويا آهن.ڪانگريس ۽ صدر سڀني لاءِ اهو آسان آهي ته هو چين کي سياسي طور تي تنقيد جو نشانو بڻائين ۽ ٻئي پارٽيون ان تي متفق آهن اهو هڪ وڏو مسئلو آهي، اسان کي چين سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. چيني ۽ آمريڪي هڪ جهڙا آهن.اهي پنهنجن خاندانن جي پرواهه ڪن ٿا، انهن جي پرورش جو سوچين ٿا ۽ منهنجي خيال ۾ پاليسي سازن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي. پر ڪائي زيا ان ڳالهه سان اتفاق نٿي رکي، گذريل سال آگسٽ ۾ هوءَ آمريڪي دوري تي هئي ته ان وقت سندس ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجي جان کي درپيش خطري جي ڪري وطن واپس نٿي وڃي سگهي. سندس خيال آهي ته معاشي تبديلين سان ايندڙ سٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي پاليسين کي نظرانداز ڪرڻ هڪ وڏي غلطي ٿيندي. مغربي سياستدان ۽ ان جا اسڪالرشپ چين کي نٿا سمجهن، جڏهن چين دنيا لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا ته پوءِ کيس اميد هئي ته هو عالمي نظام کي استعمال ڪندي پنهنجي طاقت وڌائيندو، اهو ئي ان جو اصل مقصد هو، ان ڪري هو دنيا کي هڪ دوستاڻو چهرو ڏيکاري ٿو، پر حقيقت ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سرد جنگ واري ذهنيت ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، ڪائي زيا وڌيڪ چوي ٿي ته مغربي ملڪن کي اهو نظر ئي نه پيو اچي ته هو هڪ نظرياتي جنگ ۾ ڌر بڻجي چڪا آهن، ڀلي اهي ان ۾ حصو وٺن يا نه وٺن. چيني ڪميونسٽ پارٽي جي اخبار دي اسٽڊي ٽائيمز جو اڳوڻو ايڊيٽر ۽ هاڻ جلاوطني جي زندگي گذاريندڙ ڊينگ يو وين به ان نقطي سان اتفاق ڪري ٿو ته چين جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ معاشي حالتون شايد هڪ وقت ۾ ملڪ ۾ سياسي سڌارن وارو عمل حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهن ٿيون. هن کي خوف آهي ته چين واپسي تي کيس گرفتار ڪيو ويندو، ڇو ته چين جي حڪومتي نظام تي تنقيد ڪئي هئي.هو چوي ٿو ته 10 سال اڳ ڪميونسٽ پارٽي پس منظر ۾ وڃي رهي هئي پر شي جن پنگ ان تبديلي مان خوش نه هو. سندس نظر ۾ اهو خطرو هو پوءِ هن جيڪو پاڻ چيو ان تي عمل ڪيو ۽ هاڻ اتر کان ڏکڻ ۽ اوڀر کان اولهه هر جاءِ تي ڪميونسٽ پارٽي جو چين مٿان ڀرپور ڪنٽرول آهي. ڊي يو وين چوي ٿو ته چين تي ڪميونسٽ پارٽي جي ائين حاوي ٿيڻ سان ملڪ گهڻو پوئتي هليو ويو آهي.چين ۾ جابراڻو تسلط وڌي رهيو آهي، جيئن سنڪيانگ واري خطي ۾ جيڪي قدم کنيا ويا آهن يا هانگ ڪانگ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ هاڻ اهي ساڳي ذهنيت عالمي اسٽيج به کڻي وڃڻ جي خواهش رکن ٿا. چين طاقتور آهي هو دنيا سان ڪاروبار ڪري رهيو آهي ته ٻين ملڪن کي خيال رکڻو پوندو ته چين ڪيئن ڪم ڪري ٿو ۽ ان جا جذبا ڇا آهن پر ائين ڪرڻ سان چين ٻين ملڪن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چيني نظام ۽ منطق کي تسليم ڪرڻ سان جيڪڏهن مغرب آهستي آهستي تبديل ٿيڻ لڳندو ته اهو مغرب لاءِ خطرناڪ هوندو. پروفيسر ڪائي زيا ان کان به اڳتي جي ڳالهه ڪندي چوي ٿي ته اها چين طرفان هڪ باقاعده حڪمت عملي جو حصو آهي جيڪڏهن عالمگيريت ڪميونسٽ پارٽي کي سڌارن تي مجبور نه ڪري سگهي ته هاڻ چين انهن قوتن کي استعمال ڪندي پنهنجا قدر مغرب تي مڙهڻ لاءِ تيار آهي. چين پرامن ارتقائي عمل ۾ رڪاوٽ وڌي آهي، جنهن جي مدد سان شايد مغربي قدر چين ۾ داخل ٿي چيني عوام کي متاثر ڪن ۽ چين هر ممڪن طريقي سان اهو ٿيڻ ناهي ڏنو. پر ان سان گڏوگڏ چين مغربي دنيا جي اظهار جي راءِ واري آزادي جي قدر کي استعمال ڪندي پنهنجي ڄاڻ ۽ پنهنجي پروپئگنڊا ٻين ملڪن ۾ پکيڙي رهيو آهي، ان جو واضح مثال ان طرح ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن بي بي سي پروفيسر ڪائي زيا جي اڳوڻي يونيورسٽي سميت چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ درجنين محققن ۽ اسڪالرن سان رابطو ڪيو ته جيئن انهن کان ڪميونسٽ پارٽي، ان جي معاشري ۾ ڪردار ۽ ان جا 100 سال مڪمل ٿيڻ بابت ڳالهائي سگهي پر چين ۾ ڄاڻ جي رسائي تي ايترو رياستي ڪنٽرول آهي جو انهن مان ڪو هڪ ماڻهو به يا ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، يا وري موجود ئي نه هو. چين جي پرڏيهي وزارت لاتعداد درخواستن باوجود پارٽي بابت ڪنهن ماهر سان رابطو نه ڪرايو. اهي ماڻهو جيڪي اڃا به چيني ڪميونسٽ پارٽي سان رابطا قائم رکڻ جا حامي آهن چيني تاريخ ۾ ايتري اهميت رکندڙ پارٽي بابت سندن چوڻ آهي ته جيتري به خواهش هجي اوهان انهن کي نظرانداز نٿا ڪري سگهو يا ان جي وجود کي ختم نٿا ڪري سگهو، اسان کي گهرجي اسان پنهنجي مغربي قدرن جي پرچار ڪندا رهون، ان ۾ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اهي بهتر آهن، پر ٻئي طرف چين هڪ مختلف طريقي سان تبديل ٿيو آهي ۽ اتي ٿيندڙ ترقي به مختلف نوعيت جي آهي، ۽ جيڪڏهن اسان ان کي جمهوري حڪومتي نظام تي آڻڻ لاءِ متاثر نٿا ڪري سگهون ته اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ۽ ان حقيقت سان هلڻو پوندو. جڏهن مون ان کان سنڪيانگ ۽ هانگ ڪانگ بابت سوال ڪيو ته سندس چوڻ هو ته جتي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي سياسي ڪنٽرول کي ڇڏڻ نٿي چاهي پر پوءِ ان جي هڪ حد آهي. هوءِ پنهنجي ڪنٽرول کي سٺي انداز ۾ نڀائي ٿي، مطلب اهو ته جيڪڏهن هو گهڻي جابراڻي نظام طرف وڃي رهيا هجن ته ماڻهو ان خلاف ردعمل ڏين ٿا، پر ٻئي طرف هڪ حد کان وڌيڪ جابر نٿا ٿي سگهن پر پروفيسر ڪائي زيا ان پارٽي کي اندران ڄاڻي ٿي ۽ سندس چوڻ آهي ته هاڻ حقيقت ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ اندروني طور طاقت کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ذريعا انتهائي گهٽ آهن ۽ هاڻ هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي جيڪو رابطا قائم ڪرڻ ۽ واپار کي پنهنجي طور تي هڪ مقصد جي طور تي تصور ڪرڻ بابت احتياط کان ڪم وٺي. آئون اميد ڪريان ٿي ته مغربي سياستدان ۽ باقي دنيا چين جي صورتحال ڏسي ۽ ان خلاف قدم کڻي، هتي رائج مطلق العنان نظام اهو ڀلي ڪٿان جو به هجي ڪڏهن به هميشه لاءِ قائم نه رهندو اهو هڪ ڏينهن تبديل ٿيندو ۽ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان اوسيتائين پهچي سگهون. ته ڇا ان وٽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي لاءِ ان جي 100 هين سالگرهه تي ڪا سٺي ڳالهه چوڻ لاءِ آهي، جنهن پارٽي کي هن پنهنجي زندگي جا ايترا سال ڏنا. هوءَ چوي ٿي ته چين ۾ 100 سال ٿيڻ جو مطلب آهي ته هڪ شخص پنهنجي زندگي ڀرپور طور تي گذاري ورتي آهي ۽ هاڻ ان جي موت جو وقت اچي چڪو آهي جيڪو مون کي ان بابت ڪا سٺي ڳالهه چوڻي آهي ته آئون اميد ڪريان ٿي ته ان موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي پاليسي سازي ۾ غلطين جو سنجيدگي سان جائزو وٺي جن جي ڪري چيني عوام کي تڪليف کڻڻي پئي آهي ۽ ايتري ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي آهي. انهن کي هاڻ ان جو ڪفارو ادا ڪرڻ گهرجي، نه ڪي جشن ملهائڻ گهرجي.