ليکڪ: قائم سولنگي/ حصو آخري
سائينداد ريلوي اسٽيشن : هن اسٽيشن جو نالو سائينداد ڇوري جي نالي پيو، وڏي نالي وارو سخي ماڻهو هو، هي هڪ هالٽ آهي جتي هڪ منٽ گاڏي اسٽاپ ڪندي آهي، هتي آسپاس پهوڙ ، ڪولهي، ڀيل، سميجا، نهڙي ۽ شرن جا ڳوٺ آهن.پٿوري ڪاليج لاءِ زمين پڻ سائينداد ڇوري ڏني هئي، اجمير ۾ هن خاندان ”انا ساگرد“ تلاءَ جي ڪناري تي هڪ مهمان خانو جوڙايو هو. جنهن تي لکيل آهي ته ”ناري جي نواب عيدل ڇوري جو اڏايل“
شادي پلي: هيءُ شادي پلي شهر پراڻن شهرن مان هڪ آهي، جيڪو هاڻوڪي ريلوي اسٽيشن کان 2 ڪلوميٽر فاصلي تي هو پر هينئر گڏجي ويو آهي هتي چانورن جو ڪارخانو ۽ ٻيا ننڍا ڪارخانا هئا، ميرپورخاص کان اڳ شادي پلي وڏو شهر ۽ ڪاروباري مرڪز هو، وکر جي مارڪيٽ ، سونارا مارڪيٽ ، سبزي مارڪيٽ، ساريون صاف ڪرڻ جو ڪارخانو ۽ ٻيون سهولتون هيون. جڏهن ريل وڇائي وئي ته هن شهر جي نالي سان حيدرآباد کان شادي پلي تائين براڊ گيج 1892ع ۾ وڇائي وئي، شادي پلي ذات جو پلي هو ۽ ان وقت وڏو با اثر زميندار هوندو هو، نئين ۽ پراڻي شادي پلي جون زمينون هن جي خاندان جون هيون، ان ڪري هن اسٽيشن جو نالو شادي پلي رکيو ويو. حاجي پير شاهه جنهن جي پوٽن مان غلام محمد شاهه جيڪو جي ايم شاهه سان سڃاتو ويندو هو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پڻ ٿيو ۽ نگران وزير اعليٰ به رهيو، اهڙي طرح سيد مظفر حسين شاهه جيڪو سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو هن علائقي جي سياست جا مک سمجهيا وڃن ٿا، سگهو پلي جنهن جي انگريز سرڪار ۾ به عزت هوندي هئي ۽ ساڻن بهتر واسطا هوندا هئس قيام پاڪستان وقت جڏهن جوڌپور ميل گاڏي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح شادي پلي ريلوي اسٽيشن پهتو ته سگهي خان پلي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، سنڌ جا سياسي ماڻهو سندس چوطرف پيا هلندا هئا. ميرپورخاص ( راڻي ٿرپارڪر) ۾ چون ٿا جيپ گاڏي سڀ کان پهرين سگهو پلي وٺي آيو، هتي رهندڙ ذاتين ۾ پلي ، آريسر، هاليپوٽا، راهو، مڪراني، شيدي، مغل ، جهلڻ ، وجلا، کوسا، رند، پنهور، شر، ڀٽي، سولنگي، رونجها، قريشي، آرائين، عباسي، مهاجر، مري، هنڱورا، ڪنڀر، نهڙي، تيلي ملڪ، کٽي، ڀيل ، سونارا، ميگهواڙ، پٺاڻ ، سميجا، مالهي، لوهار ۽ ٻيا آهن، هتان جي اڪثر ماڻهن جو گذر سفر کيتي ٻاڙي، مزدوري، وڻج واپار ۽ ملازمت تي آهي، پر نوڪري پيشه گهٽ آهن، اڪثر ماڻهو ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڏانهن پورهيي لاءِ ويندا آهن.
عبدالله آباد : هيءِ ريلوي اسٽيشن 11 مارچ 1973ع ۾ کلي عبدالله اسٽيشن جو نالو ان شخص ڪري رکيو ويو، جنهن هي اسٽيشن کولرائڻ لاءِ جدو جهد ڪئي، کيس اڪثر عبدالله مڪراني جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو، هيءُ ٺيڪيداري ڪندو هو سرڪاري جايون ٺهرائڻ روڊ رستا ٺهرائڻ جو مشهور ٺيڪيدار ۽ سوشل ورڪر ماڻهو هو، سندس پٽ مرحوم خان محمد مڪراني بلوچ جنهن جو ريل سان جذباتي لڳاءُ هوندو هو هيءُ علائقو شادي پلي کان 5 کان 6 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي پر خان محمد روزانو پنڌ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين شاگردن سان گڏ ايندو ويندو هو، مرحوم پنهنجي حياتي ۾ اسٽيشن تان ڪنهن کي بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ نه ڏنو، ريلوي ملازمن کي به بخش نه ڪندو هو، 1985ع ۾ جڏهن ريلوي جي حالت هن ڊويزن ۾ خراب هئي ته مرحوم خان محمد بلوچ ميٽر گيج ريل بچايو تحريڪ هلائي ۽ ان وقت جي وزير اعظم کي ريل جي مسئلي بابت تجويزون ڏنيون ۽ ملاقات ۾ هن پنهنجي وابستگي مهراڻ سوشل ويلفيئر ائسوسيشن ( رجسٽرڊ) سان ڄاڻائي، سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ 2005 کان کوکراپار کان ميرپورخاص براڊ گيج ٿي ويو، هيءُ ريل گاڏيءَ جي اسٽاف کي اپ ڊائون چانهه ڦري پيئاريندو هو، مرحوم 21 جون 2007ع تي زندگي جو سفر پورو ڪيو .
بلوچ آباد: بلوچ آباد اسٽيشن تي اڪثريت چانڊيا بلوچ رهندا آهن، زمينداري به انهن جي آهي، ان ڪري اسٽيشن تي نالو بلوچ آباد رکيو ويو.
جمڙائو: جمڙائو واهه جي ويجهو هئڻ ڪري هن اسٽيشن جو نالو، جمڙائو رکيو ويو جڏهن ته ان کي ويجهو ۽ مشهور ڳوٺ “ ويسرو” آهي هيءَ واحد جنڪشن آهي جتي ڪو به پليٽ فارم يا لائيٽ جو بندوبست ناهي هتان کوکرا پار
۽ لوپ لائين لاءِ جدا جدا رستا نڪرن ٿا.
شگرمل هالٽ: اهو هالٽ آهي جتي ميٽر گيج جي دور ۾ گاڏيون اسٽاپ ڪنديون هيون هاڻ اهو هالٽ بند آهي.
ميرپورخاص گڊز: اها گڊس اسٽيشن جيڪا هاڻ بند آهي، هي ميرپورخاص جو يارڊ هو جتي ٻنهي سيڪشنن جون گڊس گاڏيون اچي بيهنديون ۽ مال لوڊ ڪنديون هيون.
ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن : هن ريلوي جي عمارت پهرين 1892ع ۾ جڙي ۽ موجوده پليٽ فارم 1936ع ۾ ٻيهر ٺهي راس ٿيو. هن اسٽيشن تي ظاهر آهي مير ٽالپر جن جي حڪمراني رهي ۽ سندن جاگيرون هيون. انهيءَ نسبت سان ميرپورخاص اسٽيشن نالو رکيو ويو.