97

ڪنڌڪوٽ ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، ڇا هتي جهنگ جو قانون آهي؟

ايڊيٽوريل

ڪنڌڪوٽ ۾ جاگيراڻي، سبزوئي ۽ چاچڙ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، خبرون آهن ته جاگيراڻي ۽ سبزوئي برادري جي هٿياربندن چاچڙن جي ڳوٺ عظيم چاچڙ تي جديد هٿيارن سان حملو ڪري 3 ڄڻا قتل ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، رپورٽ مطابق دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن مارٽر گولن سميت جديد هٿيارن سان ڳوٺ تي حملو ڪيو، جنهن سبب چاچڙ برادري جا تاجو، ڊگڙي ۽ پيزو چاچڙ مارجي ويا آهن ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، فائرنگ ۾ ڪجهه ڍور به زخمي ڪيا ويا آهن، ٽن ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ ڳوٺاڻن ۽ هٿياربندن وچ ۾ جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان فائرنگ هلندڙ آهي، علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانيل آهي. هيءُ اهو علائقو آهي جتي تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ پڻ جاگيراڻي ۽ سبزوئي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري چاچڙ برادري جا 9 ڄڻا قتل ڪيا هئا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هئا، اهڙي واقعي کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته چونڊيل نمائندا ۽ وزير به مقتولن جي تڏي تي پهتا هئا ۽ انهن جوابدارن خلاف ڪاررواين جا اعلان پڻ ڪيا هئا، پر انهن تي عمل نه ٿيڻ سبب ٻيهر جوابدارن حملو ڪري وڌيڪ 3 انساني حياتيون کسي ورتيون آهن، اسان هتي بار بار اهي دانهون ڪندا پيا اچون ته سنڌ صوبي ۾ لاقانونيت وڌي رهي آهي ۽ خاص ڪري ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ شڪارپور وارا علائقا هاڻ غير علائقا بڻجي ويا آهن، جتي مڪمل ڏوهاري راڄ قائم ٿيل آهي ۽ ڏوهارين کي ايتري ڍر ڏني وئي آهي جو اهي جنهن وقت به چاهين ۽ جنهن کي به چاهين بنا ڪنهن خوف جي ماري ان جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکي جشن ملهائي رهيا آهن، شڪارپور ۾ پڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ڏوهارين 2 اهلڪارن ۽ هڪ فوٽو گرافر کي قتل ڪري بڪتربند گاڏيون قبضي ۾ وٺي اهڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري سڄي دنيا ۾ سنڌ پوليس ۽ سنڌ جي حڪومت مٿان ٺٺول ڪئي هئي، اهڙي واقعي کانپوءِ وڏي وزير سميت اهم اڳواڻ تڏي تي پهتا هئا ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا وڏا وڏا اعلان ڪري ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز به تبديل ڪيا ويا پر ان کان اڳتي ڪجهه به نه ٿيو، نيٺ اي آءِ جي سکر اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته ڏوهارين وٽ ڳرا  ۽ جديد هٿيار آهن، ان ڪري اسان آپريشن نه ڪنداسين، نتيجو وري به اهو نڪتو جو انهن ڏوهارين اڪري واسي هڪ اهلڪار کي شهيد ڪيو، پوليس جو ڪم هاڻ رڳو لاش کڻڻ، اسپتالن ۾ پهچائڻ ۽ صحيح يا غلط ڪيس داخل ڪرڻ تائين محدود ٿي ويو آهي. ڪنڌڪوٽ جو تازو واقعو به پوليس ۽ قانون جي رٽ نه هجڻ، حڪومت جي غير سنجيدگي ۽ پنهنجن ماڻهن ڏانهن عدم توجهي سبب ئي پيش آيو آهي، جيڪڏهن اڳ 9 ڄڻا قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ها ۽ انهن کي ناڪيلي وجهي قانون جي ڪورٽ ۾ آندو وڃي ها ته شايد وڌيڪ ٽن ڳوٺاڻن جي حياتي زيان ٿيڻ کان بچي پوي ها. ايس ايس پي امجد شيخ پراڻي واقعي وقت وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون پر پوءِ معاملو ٿڌو ٿي ويو ۽ ڏوهاري چالاڪ شڪاري وانگر وري پنهنجو شڪار ڪري ويا. اسان سنڌ حڪومت سميت اختيارين کان اهي سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته نيٺ صوبو ڪيستائين ڪوس گهر بڻيل رهندو. ڪيستائين هتي جو عوام لاقانونيت جي دوزخ ۾ سڙندو رهندو. ڪيستائين حڪمرانن ۽ عملدارن جي نااهلي جو قرض غريب ڳوٺاڻا پنهنجي رت سان ڀريندا رهندا. نيٺ صوبي اندر هن جهنگ جي قانون کي ختم ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟ جي نه ته پوءِ اسان گهر ٿا ڪريون ته خيرپور کان ويندي شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور جي ڪچن ۾ بي رحم آپريشن ڪري ماڻهن کي بي هٿيار ڪيو وڃي، اتي پهچندڙ جديد هٿيارن جي رسد روڪي ان ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سنڌ جي ماڻهن کي امن ڏنو وڃي ڇو ته اها ئي حڪمرانن جي ذميواري آهي، رڳو بيانن سان نه امن ايندو نه حڪمراني ٿيندي ۽ نه ئي وري جمهوريت جو ڪو وجود نظر ايندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو