اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته نواز شريف ۽ اياز صادق مون تي تنقيد ڪئي ته اها برداشت ڪيم پر فوج تي تنقيد برداشت نه ڪنداسين، علي وزير کي به معافي وٺڻي ئي پوندي. اهڙو اظهار هن هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبليءَ جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ڪيو. ان اجلاس جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن. جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ ڪشمير، افغانستان، آمريڪا ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ سان گڏوگڏ سياسي ماملا پڻ بحث هيٺ آيا. سياسي معاملن تي ماني کائڻ مهل ڳالهه ٻولهه ٿي. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال سان ڳالهائيندي ڪندي چيو ته توهان جي پٽ سان نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي ۾ مليو هوس. انموقعي تي ن ليگ اڳواڻ مشاهد حسين چيو ته مخالف ڌر خاص ڪري مسلم ليگ ن تي هٿ هلڪو رکو جنهن تي آرمي چيف کلندي جواب ڏنو ته فواد چوڌري به گڏ ئي بيٺو آهي اوهان سان. ذريعن موجب کاڌي جي ميز تي رانا ثناءُ الله ۽ رانا تنوير پهتا ته جنرل باجوا چيو ته منهنجي ته زال به راجپوت آهي ۽ منهنجي ننڍي پٽ جي مڱڻي پشتونن ۾ ٿي، ان کان سواءِ پاڪستان جي فوج ۾ 40 سيڪڙو پشتون آهن، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلندا آهيون. اسين نه پشتونن جي ۽ نه ئي ڪنهن شخصيت جي خلاف آهيون، ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي چيف کي چيو ته پي ٽي ايم جي ايم اين اي علي وزير خلاف ڪارروايون بند ڪري کيس معاف ڪريو. جنهن تي آرمي چيف چيو ته مون تي تنقيد ته نواز شريف ۽ اياز صادق به ڪئي پر اسان برداشت ڪئي پر پاڪستاني فوج جي تنقيد برداشت نه ڪنداسين ان ڪري علي وزير کي به معافي وٺڻي ئي پوندي. هي معاملو شخصي نه پر اداري جي خلاف علي وزير جي زهر اوڳاڇڻ جو آهي، رياستي ادارن خلاف ڳالهائيندڙن کي ايئن معافي نه ٿي ملي سگهي. علي وزير کي باقاعده معافي وٺڻي پوندي ۽ پراڻي روش پڻ ختم ڪرڻ پوندي. ذريعن موجب ان دوران محسن داوڙ اٿي بيهي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر اسد قيصر کيس روڪيو. جنهن تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا محسن داوڙ کي چيو ته توهان ڀلي ڳالهايو. جنرل قمر جاويد باجوا محسن داوڙ کي مخاطب ٿيندي چيو ته محسن داوڙ !توهان جڏهن به چاهيو ته آئون توهان سان اڪيلائي ۾ به مليس، توهان فوج تي چونڊن ۾ مداخلت جو الزام هڻو ٿا، اسين مداخلت ڪريون ها ته پوءِ توهان ڪيئن کٽيو ها؟ توهان جو ڪڏهن به رستو نه روڪيوسين، توهان چونڊ کٽي آيا آهيو ان ڪري اسين توهان جي ڳالهه به ٻڌنداسين. ان کان اڳ اجلاس ۾ ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته طالبان سان اسان جي ڪا به ويڙهه نه آهي، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جو خطرو آهي پر پاڪستان، چين، روس، ايران چاهين ٿا ته گهرو ويڙهه يا جغرافيائي ورڇ نه ٿئي. گهرو ويڙهه ٿي ته پنج کان ست لک افغاني پناهه گير پاڪستان اچي سگهن ٿا پر مهاجرن کي ايران جيان بارڊر جي ڀرسان ڪيمپن ۾ رکيو ويندو. جڏهن ته ٽي ٽي پي ۽ پاڪستان دشمن ماڻهو پناهه گيرن جي شڪل ۾ اچي سگهن ٿا، ان ڪري انهن کي روڪڻ ضروري آهي. افغانستان ۾ ٽي ٽي پي ۽ بلوچ دهشتگرد تنظيمن جا 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن، داعش جا ٻه کان ٽي هزار ماڻهو به شام کان افغانستان منتقل ٿي چڪا آهن. داعش جا ماڻهو مختلف بارڊرز تي وڃن پيا. هن چيو ته افغانستان ۾ مقامي فوجي چار مهينن کان پگهار نه ملڻ سبب پاڻ طالبان سان ملندا پيا وڃن، افغان طالبان جا ڪٽنب ڊگهي وقت کان پاڪستان ۾ ئي آهن.پاڪستان ۾ افغاني پناهه گيرن جا ٻه سئو کان وڌيڪ مدرسا به آهن. افغانستان ۾ نيٽو جا ست هزار ٻه سئو پنجاهه ۽ پندرهن سئو آمريڪي فوجي موجود آهن، ڇهه ست سئو فوجي آمريڪي سفارتخاني جي حفاظت جي لاءِ موجود رهندا جڏهن ته ڀارت ۽ طالبان جو اڃا تائين سڌو سنئون رابطو نه ٿيو آهي.
120