110

گوادر بندرگاهه وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: عاصم سليم باجوه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته گوادر بندرگاهه وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان ۾ سي پيڪ تحت اربين رپين جي روڊ نيٽ ورڪ جي تعمير جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان هتان جي عوام جي 72 سالا پراڻي شڪايتن ۽ پسماندگي جو ازالو ٿيندو. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي رستن جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان سان گوادر بندرگاهه ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍجي ويندي. هن چيو ته بسمه خضدار روڊ تي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪو آهي، اهو منصوبو هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو، جنهن سان گوادر بندرگاهه ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته هوشاب آواران روڊ به اهم منصوبو آهي جيڪو گوادر بندرگاهه کي ملڪ جي اترين علائقن سان ڳنڍيندو. عاصم باجوه چيو ته وزيراعظم عمران خان جلد گوادر جو دورو ڪندو ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ شروع ٿيندڙ مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، ان بندرگاهه کي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي لاءِ مختلف رستن تي تعميراتي ڪم تيزي سان جاري آهي، ان سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته حڪومت تعليم، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي ۽ مواصلات سميت بنيادي شهري سهولتن کي يقيني بڻائي صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ جارحاڻي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن تي وفاقي صوبائي حڪومتن سرڪاري نجي حصيداري تحت 6 ارب رپين کان وڌيڪ جو ترقياتي پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته هن وقت اٽڪل 8 هزار 80 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ٻين ترقياتي منصوبن کي پڻ ان پئڪيج ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي 9 پٺتي پيل ضلعن ۾ 31 کان وڌيڪ ڊيم تعمير ڪيا ويندا. مجموعي طور تي 15 ڊيمز تي اڳ ۾ ئي ڪم شروع ٿي چڪو آهي وڌيڪ 16 ڊيمز تي ڪم جلد شروع ٿيندو، ان کانسواءِ خاران ۽ لسٻيلا ۾ پڻ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، گوادر ايئرپورٽ جي تعمير اربين رپين جي لاڳت سان جاري آهي جنهن تي وڏن ڪارگو هوائي جهازن جي لينڊنگ جي گنجائش هوندي. هن چيو ته گوادر بندرگاهه کي تيز ترين آپريشن جي لاءِ جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان صوبي ۾ معاشي انقلاب ۽ معاشرتي خوشحالي ايندي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن کي ترقي يافته علائقن جي برابر آندو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو