ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پير آباد ٿاڻي جي پوليس چيڪنگ دوران هڪ اسٽريٽ ڪرمنل عبدالله ولد شڪور کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بنا لائسنس وارو پستول ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار عادي ڏوهاري آهي ۽ ضلعي ويسٽ جي مختلف علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون ڪندو هو. جوابدار پهريان به پوليس مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.
117