97

روس ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو مجموعي انگ 5585799 کان وڌي ويو

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 24439 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مجموعي طور تي متاثرن جو انگ 5585799 کان وڌي ويو آهي. چيني سڌ سماءَ وارن ذريعن روسي مانيٽرنگ رسپانس سينٽر جي حوالي سان ٻڌايو ته وبائي بيماري جي شروعات کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو 697 فوتگيون سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيون ويون آهن جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 137262 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو مجموعي انگ 5053417 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق هيل تائين روس ۾ ڪورونا ويڪسين جون 40875355 خوراڪون لڳي چڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو