ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 992 ارب رپيا ڪراچي ۾ تعمير ۽ منصوبن جي رٿابندي لاءِ رکيا ويا آهن، روڊن جي تعمير سان علائقن ۾ پراپرٽي ويليو وڌي وئي آهي، منصوبن کي آبادي پنهنجو گهر جو حصو سمجهن. وڏي وزير پاران کوکراپار کان مراد ميمڻ ڳوٺ تائين 100 ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪرائڻ جو اعلان. وفاق هڪ دستخط ڪرڻ لاءِ لنوائيندو رهندو آهي، شڪايت آهي ته سنڌ کي گهٽين جي روڊن جي استرڪاري نه پر وڏا منصوبا ڏنا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعود آباد چورنگي کان ٿڌو نالو ۽ سومار ڪنڊياڻي ڳوٺ تائين 3.5 ڪلوميٽر روڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات ۽ مڪاني کاتن وارو وزير ناصر حسين شاهه، قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيئرپرسن پي اين ڊي شيرين ناريجو ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سعود آباد چورنگي کان ٿڌو نالو ۽ سومار ڪنڊياڻي ڳوٺ تائين 3.5 ڪلوميٽر روڊ جو افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن روڊ تي 130 ڪلوميٽر آر سي سي پل پڻ تعمير ڪيو ويو آهي جيڪي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي نيبرهڊ امپرومنٽ پروجيڪٽ تحت تعمير ڪيو ويو سنڌ جي وڏي وزير اهو پڻ چيو ته منصوبي کي 1.2 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ٽرانسفارميشن اسٽڊي جي موجب سنڌ حڪومت شهر جي ٽن علائقن ۾ روڊ ۽ پل تعمير ڪيا آهن جن ۾ صدر ڊائون ٽائون، ملير ۽ ڪورنگي ۾ ترقياتي ڪم شامل آهن، هي نئون روڊ ٿڌو نالو کان ٻئي پاسي ملير جي ڳوٺاڻي علائقن کي شهري علائقن سان جوڙيندو، روڊ جي تعمير سان ملير جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ معيشت ۾ سڌارو ايندو. هن چيو ته ڄاڻايل منصوبو 5 جولاءِ 2019 تي شروع ڪيو ويو. سعودآباد روڊ 2.9 ڪلوميٽر ڊگهو ٻه لين روڊ آهي، سعود آباد چورنگي کي پڻ نئين سر ترتيب ڏني وئي آهي ته جيئن ٽريفڪ جي وهڪري کي آسان بڻايو وڃي، روڊ سان گڏ هڪ ڪلوميٽر گرين بيلٽ سميت واڪ وي پڻ بڻايو ويو آهي، واڪ وي 9 ميٽر ويڪرو آهي جنهن تي بهترين لائيٽون، اسٽريٽ فرنيچر ۽ ٻه بس اسٽاپ ٺاهيا ويا آهن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سڄي روڊ تي 200 بجلي جا ٿنڀا ۽ 140 والٽ جون ايل اي ڊي لائٽون لڳايون ويون آهن، روڊ جي ٻنهي پاسن کان پيئڻ جي پاڻي جون لائينون وڇايون ويون آهن ۽ روڊ سان گڏ 50 گاڏين جي پارڪنگ لاءِ جاءِ پڻ ڪئي وئي آهي. پل جي ويجهو اربن فاريسٽ پڻ بڻايو ويو آهي، اربن فاريسٽ ۾ 1000 نم جا وڻ، گلوهر، صدا بهار ۽ بوگن بيلا وَلَ جا وڻ پوکيا ويا آهن. هن اهو پڻ چيو ته روڊ ۽ پل جي تعمير سان علائقي جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو آهي، روڊ واڪ ويز ۽ ويهڻ لاءِ بهترين تفريحي علائقو بڻجي ويو آهي، اهو علائقي جي ماڻهن تي لاڳو آهي ته ان خوبصورتي کي محفوظ رکجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي نيبرهڊ پروجيڪٽ تحت هي ٽيون منصوبو آهي اڄ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي منصوبي جو افتتاح ڪرڻو هو پر هن مون کي افتتاح ڪرڻ جي هدايت ڪئي، آئون پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان جو اسان جي همٿ افزائي ڪن ٿا. ھي منصوبو اسان جي پارٽي نعري ”پيپلز پارٽي خدمت ۾ سڀ کان اڳيان“ جو عملي نمونو آهي. هن اهو به چيو ته ٽيون منصوبو آهي جنهن جو افتتاح هڪ سال کان گهٽ وقت ۾ ڪيو ويو آهي،
