تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ڪورونا وائرس جي وبا سبب 12 ملڪن مان ايران ايندڙن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ايراني نشرياتي اداري مطابق ايران ۾ ڪورونا وائرس جي وبا خلاف جدوجهد ڪرڻ واري ڪميٽي ڪجهه ملڪن مان سڌي ريت يا ٻئي ذريعي ملڪ ۾ داخلي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيصلي سبب بوٽسوانا، برازيل، ايسواتيني، ڀارت، اوسوتا، ملاوي، نيپال، ڏکڻ آفريقي، اورو گوائي، امبيا ۽ زمبابوي سان ايران ايندڙن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
119