اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا جي چيسٽر مري جي علائقي ۾ هڪ گهر ۾ باهه لڳل سبب 4 ٻارن سميت 7 ڄڻا مري ويا. پرڏيهي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڪينڊا جي البرٽا صوبي ۾ ڪيلگري جي شهر کان 16 ڪلو ميٽر دور اوتر طرف جيسٽر مري جي علائقي ۾ هڪ گهر ۾ اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ٻارن سميت 7 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ لاشن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيا آهن.
113