اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي مشڪلاتن جي ڏس ۾ پي آءِ اي جي اڏامن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان اچڻ جي لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي شيڊيول جي حوالي سان مشڪلاتون درپيش هيون، وزيراعظم جي هدايت تي سول ايوي ايشن واري وزير غلام سرور خان پي آءِ اي ۽ ايوي ايشن عملدارن سان تفصيلي ميٽنگز کانپوءِ اڏامن جي انگ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
111