128

بجلي ۽ گئس جو بحران پي ٽي آءِ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته بجلي ۽ گئس جو بحران پي ٽي آءِ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي، وفاقي حڪومت جي ٻن سالن واري بدانتظامي سبب ملڪ ۾بجلي ۽ گئس جي ٻيهر لوڊشيڊنگ شروع ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾نيب ۽ ايف آءِ اي ذريعي اپوزيشن اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بڻايو،عوامي ڀلائي جي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هن چيو ته حڪومت ن ليگ جي مٿان مهانگي اگهه تي بجلي جا پلانٽ لڳائڻ وارا الزام به ثابت ناهي ڪري سگهي،غلط ڳالهه نه ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي ڪري پاڪستان کي هر مهيني 2016 ملين ڊالر ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو