مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته هڪ فون تي اڏا ڏيڻ جو دور ختم ٿي ويو،هاڻي عمران خان جي حڪومت آهي، آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اها وزيراعظم عمران خان جي حڪومت آهي،جيڪا آمريڪا سان ”نو مور“جي ڳالهه ڪري ٿي،اڏا ڏيڻ کان به جواب ڏنو آهي، آزاد ڪشمير جي عوام اليڪشن کان اڳ عمران خان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي،چونڊن ۾اڪثريت سان ڪاميابي ماڻينداسين، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي اسان جي مسئلن جي ڪا ڄاڻ ناهي،هاڻي انهن کي ووٽ جو حق ڏئي فيصلن ۾ شامل ڪيو آهي، ڪشمير کي تبديل ڪرڻ جون ڳالهيون طئي ڪري رهيا آهن،جيڪي پنهنجي صوبي ۾عوام جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪري سگهيا.
116