183

سنڌ جو ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙن کي داخلا نه ملندي،عدالتي فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙن کي داخلا نه ملندي، رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙن جي داخلا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙ داخلا لاءِ اهل نٿا ٿي سگهن. پي ايم سي جي وڪيل چيو هو ته ميڊيڪل ڪاليجز ۽ يونيورسٽيون 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون رکندڙ اميدوارن کي داخلائون نٿي ڏئي سگهي، جڏهن ته درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته اهو شرط غيرقانوني آهي. عدالت چيو ته اسٽي ملڻ جي صورت ۾ گهٽ مارڪون رکندڙ اميدوار داخلائون حاصل ڪري ويندا، بعد ۾ ڪيس خارج ٿيڻ جي صورت ۾ افراتفري مچي ويندي. ميڊيڪل ۾ داخلا جو معيار ڪرڻ سان طب جي شعبي جو معيار ڪرندو، جيڪي اميدوار داخلا چاهين ٿا سي پنهنجو تعليمي معيار وڌائن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو