ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز جا وڌيڪ 170 ملازم ٽئين مرحلي ۾نوڪرين تان فارغ ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا جي فيصلي تحت ٽئين مرحلي ۾170 ملازمن کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو،باقي 4127 ملازم رهيل آهن، جڏهن ته ڪابينا جون 2020ع ۾اسٽيل ملز جي ڪل 9350 ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي،پهرين مرحلي ۾4544 فارغ ٿيا هئا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾509 ملازم فارغ ڪيا ويا،رهيل 4127 ملازمن کي به مختلف مرحلن ۾نوڪرين تان فارغ ڪيو ويندو، ياد رهي ته اسٽيل ملز جي پيداوار 2015ع ۾ بند ٿي هئي،30 جون 2020 تائين خسارو 212 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو،جنهن کانپوءِ ملازم ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.
113